تعليمي ادارن ۾ ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ جي نتيجي
تعليمي
ادارن ۾ ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ سنڌ جي مختلف سرڪاري تعليمي ادارن ۾
88 ڪيس سامهون اچي ويا، تعليم واري وزير طرفان ڪورونا ڪيس ڪنٽرول نه ٿيڻ جي صورت ۾
اسڪول بند ڪرڻ جو اشآرو ڏيئي ڇڏيو
صحت کاتي ڪراچي،
حيدرآباد، سکر، ميرپور خاص ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ تعليمي ادارن جي 13 هزار
274 ملازمن جي سيمپلز وٺي ڇڏيا،
تعليم واري وزير
سعيد غني چيو آهي ته اسڪولن ۾ ايس او پيز تي عمل نه پيو ٿئي، لڳي ٿو تعليمي ادارن کي
ٻيهر بند ڪرڻو پوندو ۽ مامرا صحيح رُخ ڏانهن نه ويا ته اسڪولز بند ڪرڻ ۾ دير نه ڪنداسين
، ٻارن جي صحت تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي،
اسڪولن ۽ ڪاليجز
۾ 13 هزار شاگردن جي ٽيسٽ ڪئي وئي، 88 شاگردن کي ڪورونا جي تصديق ٿي آهي.
هوڏانهن
وري وفاقي سرڪار سنڌ حڪومت طرفان صوبي جا تعليمي ادارا
کولڻ وارو ٻيو مرحلو ملتوي ڪرڻ تي اعتراض واري ڇڏيا.
تعليم وارَي وفاقي وزير شفقت محمود ردعمل ظاهر ڪندي
چيو آهي ته، سڀني جي مشاورت سان تعليمي ادارا کولڻ بابت شيڊول طئي ٿيو هو، جنهن ۾ ڪا
به تبديلي نه ٿيندي.
صوبائي وزير سعيد غني کي ٻيو مرحلو ملتوي ڪرڻ کان
اڳ مشورو ڪرڻ گهرجي ها.
وفاقي وزير چيو ته
22 سيپٽمبر تي اين سي او سي جَي اجلاس دوران تعليمي ادارن جَي حوالي سان تازي صورتحال
جو جائزو ورتو ويندو.
ايس
ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ضلعي جي پوليس کي سماجي براين ۽ ٻين ڏوهن تي ڪنٽرول
ڪرڻ لاء سختي سان هدايتون ڪيو ويون آهن
گهوٽڪي ضلعي ۾ امن
امان کي برقرار رکڻ ۽ ضلعي ۾ قانون جي حڪمراني کي برقرار رکڻ جي لاءِ پوليس کي سخت
حڪم جاري ڪيا ويا آهن،
سيڪيورٽي انتظامن
کي يقيني بڻائڻ لاءِ مختلف علائقن ۾ پوليس جو گشت جاري آهي ، شڪي ماڻھن جي تلاشي ورتي
پئي وڃي،
شرپسند ماڻھن
۽ سماجي برائين جي خلاف اڻ وڻندڙ طريقي سان عمل ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن، جنرل
هولڊپ/عمومي رڪاوٽن جو مقصد ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ آهي.
ان کان علاوه
، ڏوهارين ۽ سماجي براين خلاف سڌي قانوني ڪارروائي ڪرڻ آهي ، 37جڏهن ته
شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو ، ۽ انهن خلاف جاچ ڪئي پئي وڃي .
تفصيلمعلوم ڪنداسين مسرت مهر کان
گهوٽڪي
پوليس گذريل 7 ڏينهن دوران ضلعي مان هٿيارن ،
منشيات جي روڪٿام ، اشتھاري / روپوشن جي جاچ جي تفصيل ، ضلعي ڀر مان ، سنيپ چيڪنگ ڪندڙ
سڀني ايس ايڇ اوز / ايس ڊي پي اوز ۽ پي پي انچارج اثرائتي نموني چيڪنگ ڪئي ، جنهن جا
تمام سٺا نتيجا مليا
اهڙو عمل ايس ايس
پي گهوٽڪي جناب عمر طفيل صاحب جي ھدايتن تي ڪيو ويو ،جنهن ۾ چار پوليس مقابلا ٿيا جنهندوران4
جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، 11 جوا ۽ آڪڙا
پرچي جا ڪيس داخل ڪيا ويا جن ۾ 24 جوارين کي گرفتار ڪيو ويو ۽ انهن جي قبضي مان 12
تاشون ، 8 آڪڙا پرچي بوڪ ، 16 موبائيل فون ، 2 سنوڪر اسٽڪ، 15 اسنوڪر بالز ، 03 موٽرسائيڪلون
۽ 17590 نقد برآمد ڪيا ويا جڏهن ته 1199 گاڏيون چيڪ ڪيون ويون،23 گاڏيون تحويل ۾ ورتيون
ويون، چار نيريون بتيون لاٿيون ويون آهن،26 گاڏين ۾ لڳل رنگين شيشا لاٿا ويا،114 فينسي
پليٽون لاٿيون ويون،16 بغير نمبر پليٽ جي
موٽرسائيڪلون / گاڏيون
ضبط ڪيون ويون ،نو منشيات جا ڪيس داخل ڪيا ويا ،جڏهن ته نو جوابدار گرفتار ٿيا ۽ انهن
جي قبضي مان 7 ڪلو 260 گرام چرس 6 ليٽر ڪچي شراب، 3 موبائل فون هڪ موٽرسائيڪل 2700
نقد برآمدڪيا ويا ،11 جوابدارن کي لائسنس نه رکندڙ هٿيار رکڻ جي ڏوھ ۾ گرفتار ڪيو ويو
۽ انهن جي خلاف 11 الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا. 2 رپيٽر،3 بندوقون 6 پستول،گوليون برآمد ٿيون.پوري ضلعي ڀر مان
115 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو،جڏهن ته 17 اشتھاري، ۽ 29 روپوش گرفتار ڪيا ويا.
ڳڙهي خيرو
جي لعل شاهه لاڙي وٽان زال مُڙس مبينا طور اغوا ٿي ويا، سندن موٽرسائيڪل لاوارث حالت
۾ هٿ اچڻ بعد پوليس ناڪا بندي ڪري ڇڏي
پوليس جوڙي جِي ڳولا
۽ جوابدارن جِي گرفتاري لاءِ ناڪابندي ڪري ڇڏي. پوليس موجب اطلاع مليو آهي ته جِيپ
۾ سوار هٿياربند نوجوان گُل حسن ڪٽوهر ۽ سندس زال ملوڪان کي اغوا ڪري ويا آهن،
جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
ٽنڊوالهيار
جي ڪيريا شاخ اسٽاپ ويجهو چار ڏينهن اڳ قتل
ٿيندڙ ڊاڪٽر لال چند باگڙي جي قاتل سندس سوٽ هري رام باگڙي نڪتو. جوابدار سي آءِ اي
پوليس آڏو اعتراف ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر کي ڏاٽي سان وار ڪري قتل ڪيو هو
.هن الزام لڳائيندي
چيو ته ڊاڪٽر لال چند سندس گهر واري کي زبردستي لڄا لٽ جو نشانو بڻايو هو جنهنجي دانهن
برادري جي چڱي مڙس کي به ڏني هئي.
هن چيو ته انصاف
نه ٿيڻ ڪري هو غيرت ۾ اچي ڊاڪٽر کي ڪلينڪ تي ڏاٽي سان وار ڪري قتل ڪيو.
سي آءِ اي انچارج اسلم لانگاهه جو چوڻ هو ته اصل
قاتل جي گرفتاري بعد ناهيون برادري مٿان داخل ٿيل ايف آءِ آر رد ڪندي گرفتار ڪيل حاجي علي حسن ناهيون کي آزاد ڪيو ويو
آهي.
مقتول ڊاڪٽر جي ڀاءُ
موجب پوليس جي ڪارڪردگي تي مطمئن ٿيڻ جو اعتراف ڪندي ناهيان برادري مٿان ڪوڙو الزام
لڳائي ڪيس داخل ڪرائڻ تي معافي ورتي وئي آهي
اينٽي
ڪرپشن پوليس گهوٽڪي جو مئجسٽريٽ جي موجودگي ۾ پبلڪ هيلٿ آفيس تي اوچتو ڇاپو،
انجنيئر اڳ ۾ ئي کسڪي ويو ، آفيس جا 6 ڪمرا مڪمل طور سيل ڪري اينٽي ڪرپشن پوليس جو
عملو واپس ٿي ويو
ٻڌايو پيو وڃي
ته گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ ٺهندڙ کوھن لاءِ 38 ڪروڙ جي اسڪيم ۾ خرد برد واري
اطلاعن تي ڪاروائي ڪئي وئي آهي
ميرپور ماٿيلو ۾
اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر اياز حسين ميمڻ ۽ سيڪنڊ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ حميد الله
خلجي پاران ميرپور ماٿيلو ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئر آفيس تي ڇاپو هنيو ته پبلڪ هيلٿ انجنيئر
عبدالرئوف ڪولاچي فرار ٿي ويو جنهن بعد آفيس جي 6 ڪمرن کي مڪمل سيل ڪيو ويو
ان موقعي تي اينٽي
ڪرپشن جي سرڪل آفيسر اياز حسين ميمڻ ميڊيا کي ٻڌايو ته عوامي شڪايتن کان پوءِ مٿان
کان حڪم مليو آهي جنهن بعد ئي پبلڪ هيلٿ آفيس
مٿان ڇاپو هنيو
هن وڌيڪ چيو ته گندي
پاڻي جي نيڪال لاءِ ٺهندڙ کوھن لاءِ 38 ڪروڙ جي اسڪيم ۾ خرد برد ڪيو ويو آهي
برساتن کان پوءِ
ضلعي گهوٽڪي جي گهوٽڪي، ڏهرڪي، اوٻاوڙو سميت مختلف شهرن ۾ برساتي پاڻي بيهڻ کان پوءِ
عوامي شڪايتن تي ڇاپو هنيو آهي...
شڪارپور
۾ پوليس طرفان ڪارنهن جي تهمت ۾ قتل ڄاڻايل عورت جيئرِي نڪتي.
عورت سبحان
خاتون پنهنجي ئي قتل ڪيس تي ٻڌڻي جي موقعي تي ماڊل ڪرمنل ڪورٽ پهچي وئي.
عورت عدالت آڏو بيان رڪارڊ ڪرائيندي انڪشاف ڪيو آهي
ته کيس ڪنهن به قتل ناهي ڪيو، پوليس سئوٽن کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ لاءِ کيس قتل ڄاڻايو
۽ کين گرفتار ڪيو.
عورت جي بيان بعد
عدالت ڪوڙي ڪيس ۾ عورت جي گرفتار سئوٽن الهورايو ۽ سوڍل شر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي
ڇڏيو.
رستم ٿاڻي جي پوليس 7 مهينا اڳ عورت سبحان خاتون
جي قتل جو ڪيس داخل ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو هو.
گهوٽڪي
سکر کان رحيميار خان ويندڙ بس جا بريڪ فيل ٿيڻ سبب ديوار سان ٽڪرائجي وئي نتيجي ۾ عورت
سميت ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي گهوٽڪي
اسپتال نيو ويو
گهوٽڪي سکر کان رحيم
يار خان ويندڙ بس جا بريڪ فيل ٿيڻ سبب ديوار سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت
سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿيا زخمين ۾ جاويد ملاح ،مائي اشرف خاتون بوزدار شامل آهن
،زخمين کي اسپتال
پهچايو ويو جتان طبي امداد بعد کين سکر روانو ڪيو ويو آهي
گهوٽڪي
ميونسپل ملازمن کي پگهارون نه مليون مالهي طور پابندي سان پنهنجي ڊيوٽي جا فرائض
سر انجام ڏيندڙ ميرپور ماٿيلو واسي محمد حنيف ڪورائي پنهنجا معصوم ٻارڙا وڪڻڻ تي
مجبور ٿي ويو
هن جو چوڻ آهي
ته هنن کي بنا جواز گذريل ٽن مهينن کان پگهاريون ناهن ملي سگهيون
ان موقعي تي
سندس ٻن ٻارڙن جي هٿن ۾ بينر هئا جن تي لکيل هو ته سندن بابا کي پگهارون ڏيئي هنن
کي وڪرو ٿيڻ کان بچايو وڃي
ميرپور ماٿيلو
جي چوڪن چوراهن تي احتجاج ڪندڙ گهوٽڪي ميونسپل جي ملازم محمد حنيف ڪورائي جو چوڻ
هو ته سياسي انتقامي ڪاروائي سبب گهوٽڪي جي ميونسپل جي ملازمن جون پگهارون روڪي
هنن کي پريشان ڪيو ويو آهي
هن چيو ته
گهوٽڪي ميونسپل کي يرغمال ڪيو ويو آهي جيڪي ملازم پابندي سان ڊيوٽي ڏيئي رهيا آهن
انهن جون پگهارون بند ڪري پريشان ڪيو پيو وڃي ۽ جن سفارشي ملازمن کي پگهارون ڏنيون
پيون وڃن اهي بااثر جي بنگلن تي جي حضوري ڪري رهيا آهن
هنن اختيارين
کان اهڙي ناجائزين جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي پگهارون جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو
Comments
Post a Comment