ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ عزاداري جو سلسلو جاري آهي
ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ عزاداري جو
سلسلو جاري آهي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڏهين محرم الحرام تي انتهائي سخت سيڪيورٽي ۾
ماتمي جلوس ڪڍيا پيا وڃن،
ڪراچي ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ
مرڪزي ماتمي جلوس نشتر پارڪ کان برآمد ٿيڻ بعد منزل ڏانهن روان دوان،آهي انتهائي
سخت سيڪيورٽي ۾ ماتمي جلوس طئه ٿيل رستن تان ٿيندو اڄ رات کارادر ۾ امام بارگاهه
حسينيه ايرانيه تي نهر ٿيندو،
حيدرآباد ۾ ڏهين محرم الحرام جو مرڪزي ماتمي جلوس
قدم گاهه مولا علي تان برآمد،مختلف علائقن مان برآمد ٿيل 200 کان وڌيڪ ماتمي جلوس
مرڪزي ماتمي جلوس ۾ شامل ٿيندا.
سکر،لاڙڪاڻو، دادو، ڄامشورو، ڪنڌڪوٽ، خيرپور ۽ ٻين
شهرن ۾ به يا حسين حسين جي صدائن سان عزاداري جاري آهي. نوحه خواني، سينا زني ۽
زنجير زني سان ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي،
ڪراچي ۾ وڏي وزير پاران کارادر ۽ ٻين
ماتمي جلوس جي روٽس جو دورو ڪيو آهي،
مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته برسات
بعد گٽر چوڪ ٿي ويا آهن،واٽر بورڊ ۽ ڪي ايم سي جون 20 گاڏيون پاڻي صاف ڪرائڻ لاءِ
لڳايون آهن، صفائي لاءِ هڪ الڳ ٽيم لڳائي آهي، جيڪا علائقي کي واش به ڪندي،عوام جي
تڪليف جو احساس آهي، علائقي واسين کان معذرت ڪيان ٿو،
سيد مراد علي شاهه آرام باغ کان صدر تائين ماتمي
جلوس جي روٽ جو جائزو ورتوجڏهن ته ڪيپري سئنيما کان ٽاور تائين به روٽ جو جائزو
ورتو ويو.
وڏي وزير چيو ته سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا
آهن، سمورا روڊ صاف ۽ ڪليئر آهن، صفائي جو نظام به بهتر ڪيو ويو آهي.
ڪربلا جي ميدان تي اسلام جي سربلندي لاءِ
عظيم قرباني ڏيندڙ امام حسين عليه السلام ۽ سندس ساٿين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري
آهي،گهوٽڪي ضلعي جي
ننڌن وڏن شهرن مان ماتمي جلوس ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي..جڏهن ته موبائيل فون سروس
بند ڪئي وئي آهي..
گهوٽڪي ضلعي ۾ 10 محرم الحرام جي حوالي سان ڪربلا جي شهيدن
کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ گهوٽڪي جي مختلف علائقن مان ماتمي جلوس ڪڍيا پيا وڃن،گهوٽڪي،ميرپورماٿيلو،ڏهرڪي،اوٻاوڙو،۽
خانپور مهر سميت سنڌ جي ننڌن وڏن شهرن مان ماتمي جلوس ڪڍيا پيا وڃن.جڏهن ته لنگر ۽
سبيل وراهڻ وارو سلسلو به جاري آهي.
10 محرم الحرام جي حوالي سان گهوٽڪي ۾ مرڪزي ماتمي جلوس
امام بارگاهه الحسينيٰ کان ڪڍيو ويو آهي جيڪو حسين علي چوڪ تي پهچڻ بعد مجلسي عزا
پڙهي وئي جنهن بعد ماتمي جلوس پنهنجي منزل طرف روادوا آهي.جڏهن ته مرڪزي ماتمي جلوس
امام بارگاهه منزلي مهندي ۾ شام غريبان ادا ڪرڻ بعد پنهنجي پڄاڻي تي پهچندو..
ان حوالي سان سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا
آهن.جڏهن ته شهر جي مختلف رستن کي اچ وڃ لاءِ مڪمل سيل ڪيو ويو آهي..ٻي پاسي
گهوٽڪي شهر جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ موبائيل فون سروس به 8 صبع وڳي کان بند ڪئي
وئي آهي..
عمرڪوٽ ضلعي ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا
پيش ڪرڻ لاءِ عزاداري جو سلسلو جاري آهي..
امام بارگاھن ۽ ماتمي جلوسن جي سيڪيورٽي انتهائي
سخت ڪئي وئي.هر طرف يا حسين جون صدائون بلند آهن،
انتظاميه جو چوڻ آهي ته ڪنري،عمرڪوٽ، سامارو،غلام
نبي شاھ ۽ ٻين شھرن ۾31 امام بارگاھون آھن، مرڪزي جلوس پنهنجن روايتي رستن ۽ امام
بارگاهن کان ٿيندو امام بارگاهه پنج پير تي نهر ٿيندو.
ڄامشورو ويجھو نينگري سان زيادتي جي
ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو..
ڄامشوري جي سوسائٽي ۾ 8 سالن جي نينگري سان خرچي
ڏيڻ بهاني زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي.
ٻارڙي پاڻ ڇڏائي وارثن وٽ پهتي، ڪيس داخل ٿيڻ بعد
پوليس جوابدار رميز ميمڻ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس موجب ته واقعي بابت جاچ ڪئي پئي وڃي..
سڪرنڊ ڀرسان مبينا ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان
کي گهران سڏرائي
قتل ڪيو ويو..
ڳوٺ ڇتن شاهه جي رهواسي 24 سالن جي محمد بشير پٽ محرم
علي کي پستول جا فائر ڪري قتل ڪيو ويو، مقتول جي سئوٽ محمد موسيٰ جو چوڻ آھي ته اسان
جو ڇوڪرو گهر ۾ موجود هو ٻاهران سڏ ٿيو ڪجهه وقت کانپوءِ اطلاع مليو ته نوجوان قتل
ٿي ويو آهي،
ٻي پاسي جوابدار شاهد علي جو چوڻ آھي ته اسان جي گهر
۾ گهڙيو آھي جنهن بعد هُن کي اسان غيرت جي نالي تي قتل ڪيو آھي،
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪارو ڪاري جي الزام ۾ نوجوان قتل
ٿيو آھي، اسان جوابدار کي گرفتارڪيو آھي، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.
پنو عاقل جي سلطان پور واري علائقي ۾
اڻڄاتل جوابدارن جو ماتمي جلوس تي حملو 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا..
ڳوٺ ڪُري انڍڙ ۾ جوابدارن ماتمي جلوس ۾ شامل
عزادارن تي ڏنڊن جو وسڪارو لائي ڏنو،5 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ عاشق انڍڙ، غلام
حيدر،لياقت علي آرائين،علم الدين ۽ رياض انڍڙ شامل،واقعي بعد پوليس علائقي کي ڪڙو
چاڙهي ڇڏيو جنهن بعد پوليس ڇاپا هڻي حملي ۾ ملوث 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو
آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ماتمي جلوس جي سيڪيورٽي وڌائي
وئي آهي، جاچ ڪئي پئي وڃي ته حملي پويان جوابدارن جا ڪهڙا مقصد هئا؟.
موسميات کاتي سنڌ ۾ اڄ کان سومر تائين
هڪ ڀيرو ٻيهر تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪندي شهري ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو،
بدين، ميرپور خاص ۽ ٻين شهرن ۾ آچر ۽ سومر تائين تيز برسات پوندي جنهن سان شهري
ٻوڏ جو خطرو آهي، جڏهن ته بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ به گجگوڙ سان برسات جو امڪان
آهي.
موسميات کاتي موجب سنڌ جا هيٺاهين علائقا برساتن
جي ڪري ٻيهر پاڻي هيٺ اچي سگهن ٿا، جنهن ڪري لاڳاپيل ادارن کي الرٽ ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي چيو آهي ته ڪراچي ۾ آچر ۽ سومر تي
تيز برساتن جي ڪري شهري ٻوڏ جو خدشو آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ گهڻي برسات جو امڪان نه
آهي، آچر ۽ سومر تي ٿيندڙ برسات جي شدت خميس واري برسات کان گهٽ ٿيڻ جي اميد آهي.
موسميات کاتي چيو آهي ته ڪراچي ۾ 2020 ۾ سڀ کان
وڌيڪ برسات پئي، مون سون برساتن جو 10 سالا رڪارڊ جي موجب موجوده سال ۾ معمول کان
218 سيڪڙو وڌيڪ برسات پئي آهي ۽ اڃا به وڌيڪ برسات پوڻ جو امڪان آهي.
Comments
Post a Comment