گهوٽڪي جي مختلف علائقن ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ

 

گهوٽڪي جي مختلف علائقن ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مجلسيون منعنقد ڪيون پيون وڃن جڏهن ته روڊ رستن تي سبيل جون ڪئمپون لڳايون پيون وڃن..

محرم الحرام جي حوالي سان ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ گهوٽڪي جي مختلف علائقن ۾ مجلسون منعنقد ڪيون پيون وڃن.جڏهن ته قادرپور روڊ،ماٿيلو روڊ،اسٽيشن روڊ،رحمووالي روڊ سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ سبيل جون ڪئمپون لڳايون ويون آهن.۽ لنگر نياز پڻ وراهيو پيو وڃي.ٻي پاسي گهوٽڪي ويجهو ڳوٺ سردار خان گهوٽو ۾ علي بخش منگي جي پڙ تي هر سال جيان مجلس عزه منقعد ڪئي وئي جنهن ۾ مولانا سيد مختيار علي رضوي،مولانا معشوق قمي،سيد عشرت عباس،۽ خالد حسين سميت ذاڪرن ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي

 

پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن وڊيو پليٽ فارم يوٽيوب تان فحش ۽ نفرت انگيز تقريرن تي مشتمل مواد فوري طور تي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي يوٽيوب عملدارن سان رابطو ڪري غيراخلاقي، فحاشي ۽ نفرت انگيز تقريرن تي مشتمل مواد جلد يوٽيوب تان هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

 

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ملڪ ۾ هاڪي جي بهتري لاءِ پاڪستان هاڪي فيڊريشن (پي ايڇ ايف) کي 5 ڪروڙ روپيا ڏيڻ جو يقين ڏياريو.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي موجب آرمي چيف سان پي ايڇ ايف جي صدر خالد سجاد کوکر ملاقات ڪئي.

آءِ ايس اي پي آر موجب بريگڊيئر رٽائرڊ خالد سجاد کوکر هاڪي جي بحالي وارن قدمن تي بريفنگ ڏني.

عام لاڳاپن واري شعبي موجب آرمي چيف قمر جاويد باجوه چيو آهي ته فوج هاڪي سميت ٻين راندين جي ترقي لاءِ حمايت ڪئي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب جنرل قمر جاويد باجوه پي ايڇ ايف لاءِ آرمي ويلفيئر مان 5 ڪروڙ روپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي رابطه ڪميٽي جو اجلاس ٿي گذريو

عمران خان جي صدارت هيٺ قومي رابطه ڪميٽي جي اجلاس ۾ وفاقي وزير اسد عمر، شفقت محمود، غلام سرور، مخدوم خسرو مختيار، حماد اظهر ۽ سيد فطرامام شريڪ ٿيا

ان کان علاوه اجلاس ۾ ڊاڪٽر حفيظ شيخ، عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر فيصل،ڊاڪٽر ثانيه نشتر، خاص مددگار ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ عاصم باجوه ۽ معيد يوسف به شريڪ هئا

چئن ئي صوبن جا وڏا وزير به وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ڪورونا جي صورتحال جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

ان کان علاوه اجلاس ۾ تعيلمي ادارا کولڻ جي معاملي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

 

:پوليس ۽ ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ(سي ٽي ڊي)) گڏيل ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم جي ٽن انتهائي گهربل دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ايس ايس پي آپريشن منصور امان موجب پوليس متني ۾ ڪارروائي ڪندي داعش جي ٽن انتهائي گهربل دهشتگردن کي گرفتار ڪيو آهي.

ايس ايس پي منصور امان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته دهشتگردن وٽان 4 ڪلو بارودي مواد، 3 پستول، ڊيٽونيئرز. پرائما ڪارڊز ۽ نٽ بلٽ به مليا آهن.

منصور امان موجب جوابدار ڀتاخوري، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ آءِ اي ڊي ڌماڪن ۾ ملوث ۽ بم ٺاهڻ جا ماهر آهن جن جو ٽارگيٽ شهر جون مصروف بازارون هيون.

ڪراچي ۾ ٿيندڙ تيز طوفاني برسات سبب مسجدن ۾ آزانون ڏيڻ جي صلاح ڏني وئي آهي

جميعت علماء اسلام ف جي اڳواڻ قاري محمد عثمان جو چوڻ آهي طوفاني برسات ۾ مسجدن ۾ آزانون ڏيڻ جو احتمام ڪري الله طرف رجوع ڪيو وڃي

قاري محمد عثمان جو چوڻ هو ته هر مسلمان ٻئي مسلمان جي مدد ۽ ان سان تعاون ڪرڻ جي لاء اڳتي اچي

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات دوران حادثن ۽ واقعن جي نتيجي ۾ ٻارن سوڌو 13 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا،

ڪراچي جي سچل ڳوٺ ڀرسان پيءُ پُٽ سوڌو 3 ڄڻا نالي ۾ ٻڏي ويا، پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون ٽنهي ڄڻن جي ڳولا ۾ رڌل،

 پوليس چيو آهي ته پيءُ پُٽ نالي ۾ ٻڏي ويا ته هڪ شهري کين بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اُهو به پاڻي ۾ لڙهي ويو، پنجاب چورنگي ڀرسان انڊر پاس ۾ هڪ ڄڻو ٻڏي فوت، لاش هٿ،

 نارٿ ناظم آباد ۾ نالي مان نوجوان جو لاش هٿ، همايون شريف ڀرسان ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ علي رضا ڪٽپر فوت، هالاڻي جي اعواڻ پاڙي ۾ مسجد جي بجلي ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب نينگر ڪاشف سولنگي حياتي وڃائي ويٺو،

 لاڙڪاڻو جي نذر پاڙي ۾ بجلي جي تار پورهيتن مٿان ڪري پئي، پورهيت علي رضا ۽ سبحان الله ڏيٿو فوت ٿي ويا، نواب ولي محمد ڀرسان ڪريم آباد ۾ برسات سبب گهر جي ڀِٽ ڪري پئي، نينگري عاصمه مُهل فوت،

نواب ولي محمد ڀرسان ڳوٺ حاجي احمد ڦُج ۾ نينگر مومن برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت، ڪڙيو گهنور ڀرسان گوني ڪئنال ۾ اڌڙوٽ شخص لکو ملاح ٻڏي فوت،

پيرونمل ڀرسان ڳوٺ علي خان جوڻيجو ۾ تيز برسات دوران ڀِت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڀاءُ ڀيڻ دٻجي فوت، علائقي واسين نينگر ۽ نينگري جا لاش ڪڍي ورتا، گهر ۾ ڪهرام برپا ٿي ويو

قادرپور جي قديمي قبرستان مسافر بادشاه جي وڻن کي اوچتو باه لڳڻ سبب ڪيترائي وڻ سڙي ويا فائربرگيڊ کي اطلاع ڏيڻ باوجود نه پهچڻ ڪري شهرين پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت باه وسمائڻ جي ڪوشش دوران بعد ۾ فائربرگيڊ عملي پهچي باه تي قابو پائي ورتو

 

سرحد واسي نوجوان پنوعاقل ۾ هلندِي ٽرين مان ٽپو ڏيندي ٽرين هيٺان اچي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو لاش گهر پهچڻ تي قهرام

ٻڌايو پيو وڃي ته محمد سليم گوجرانواله کان ٽرين زريعي پنهنجي گهر اچي رهيو هو ته گهوٽڪي ۾ اسٽاپ نه هئڻ ڪري ٽرين اڳتي هلي وئي ۽ پنوعاقل ۾ اسپيڊ گهٽ ٿيڻ تي نوجوان ٽرين مان لهڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٽرين هيٺان اچي ڪٽجي فوت ٿي ويو

 

محرم الحرام جي حوالي سان ميرپور ماٿيلو ۽ ڏهرڪي سيمت مختلف شهرن ۾ ۾ پوليس ۽ رينجرز پاران گڏيل فليگ مارچ ڪيو ويو

جنهن جي اڳواڻي ڊي ايس پي ميرپور ماٿيلو عبدالحق ڀٽو، ڊي ايس پي رائونتي آصف علي آرائين، ضلع ڪٿ مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز، رينجرز ۽ ان جا جوان شرڪت ڪئي، فليگ مارچ ضلع هيڊ ڪوارٽر ميرپور ماٿيلو کان شروع ٿيو ميرپور ماٿيلو شهر، دادلغاري، ڏهرڪي، اوٻاوڙو، سميت ضلعي گهوٽڪي جي مختلف علائقن جو وزٽ ڪيو، فليگ مارچ جو مقصد محرام الحرام جي حوالي سان سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪرڻ، امان مان جي صورتحال کي برقرار رکڻ آهي، ته جيئن ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏئي سگهجي

ايس ايس پي گهوٽڪي جي پي آر او چوڌري افتخار مطابق ته گهوٽڪي سميت ضلعي جي مختلف شهرن ۾ ماتمي جلوسن ۽ مجلسن جو مجموعي انگ 10 آهي جن جي حفاظت لاء ماتمي جلوسن جي گذرگاهن ۽ مجلسن وارن هنڌن تي 200 کان وڌيڪ پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار پنهنجا فرض سرانجام ڏيئي رهيا آهن جن ۾ انسپيڪٽر، سب انسپيڪٽر ، اي ايس آء، هيڊ ڪانسٽيبل ۽ ڪانسٽيبل شامل آهن

 

ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ 8 محرم الحرام جا جلوس برآمد ٿيا، ان دوران سيڪيورٽي جا ڀرپور انتظام ڪيا ويا.

ڪراچي ۾ جلوس جي رستن ۾ ڪيترن ئي جاين تي برسات جو پاڻي جمع هئڻ ڪري عزادارن کي پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو.

جلوس کي نظر ۾ رکندي صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ، کارادر، ايم اي جناح روڊ، پيپلز چورنگي، ريڊيو پاڪستان سميت ڀرپاسي جي علائقن ۾ موبائل سنگنل بند رهيا.

جلوس جي روٽ ۾ ايندڙ سمورن رستن ۽ گهٽين کي ڪنٽينر ۽ قناتون هڻي سيل ڪيو ويو.

ان کان علاوه جلوس جي سيڪيورٽي لاءِ سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي مدد سان نگراني ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته عمارتن تي شاپ شوٽرز مقرر ڪيا ويا آهن.

ان سلسلي ۾ پوليس ۽ رينجرز سميت ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جلوس جي رستن تي مقرر ڪراچي پوليس جا 2838 پوليس آفيسر ۽ جوان 8 محرالحرام جي جلوسن ۽ مجسلن جي سيڪيورٽي لاءِ مختلف جاين تي پنهنجا فرض انجام ڏئي رهيا آهن.

 

Comments

Popular posts from this blog

ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ضلعي جي پوليس کي سماجي

قادرپور ويجهو سنڌو درياء ۾ پاڻي جي سطح ۾ لاٿ اچڻ بعد درياء

شهري اتحاد سرحد پاران سرحد ۾ روڊ حادثن کان حفاظت جي سلسلي ۾ سيمينار ٿي گذريو،