سنڌ ۾ وڏن ضلعن کي ٽوڙي نوان ضلعا ٺاهڻ جو فيصلو

 

سنڌ ۾ وڏن ضلعن کي ٽوڙي نوان ضلعا ٺاهڻ جو فيصلو، وڏي وزير مراد علي شاهه سمورن ضلعن جون حدبنديون ڪري نوان ضلعا ٺاهڻ لاءِ تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي،

 ڪابينا جي اجلاس دوران ميمبرز طرفان خيرپور کي به ٻن ضلعن ۾ ورهائڻ جي تجويز، سنڌ ڪابينا ڪراچي ۾ ڪياماڙي ضلعو ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪياماڙي ضلعي ۾ سائيٽ، بلديه، هاربر ۽ ماڙيپور وارا علائقا شامل هوندا،

اجلاس ۾ بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته هن وقت ڪراچي اولهه ۾ 7 سب ڊويزنس آهن، جِن ۾ منگهوپير، سائيٽ، بلديه، اورنگي، مومن آباد، هاربر ۽ ماڙيپور وارا علائقا شامل آهن،

 ڪراچي اولهه جي مجموعي آبادي 39 لک، 14 هزار 757 آهي، آبادي جي حساب سان اولهه ضلعو سنڌ جو سڀ کان وڏو ضلعو آهي،

وڏي وزير ڪابينا آڏو تجويز رکي ته ڏکڻ ضلعي کي ڊسٽرڪٽ ڪراچي جو نالو ڏنو وڃي، ڪراچي جي ضلعن کي اُتان جي مشهور علائقن جا نالا ڏنا وڃن.

سنڌ حڪومت ايم ڪيو ايم اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خالد مقبول صديقي جي سيڪيورٽي واپس وٺي ڇڏي

سيڪيورٽي اهلڪارن جي واپس ٿيڻ تي خالد مقبول صديقي جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي حقن بابت آواز اٿائڻ تي تي هن جي سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي

هوڏانهن وري رابطه ڪاميٽي جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته اگر ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر کي ڪجهه به ٿيو ته کان جي ذميوار سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت مٿان هوندي

ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي طرفان گرفتار ڪيل بين الاقوامي دهشتگرد دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش،

 عدالت ۾ سي ٽي ڊي جو چوڻ هو ته جوابدار نثار علي عرف شاهه جي جو واسطو پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي،

جاچ آفيسر موجب جوابدار جي قبضي مان هڪ دستي بم، هڪ ڪلاشنڪوف ۽ ريپيٽر هٿ ڪيو ويو آهي

 

پني عاقل ۾ جنوني شخص ۽ سندس پٽ هٿان ڪُهي قتل ڪيل 11 گهر ڀاتين جو ڪيس مقتولا عورت رقيعت جي ڀائيٽي جي فرياد تي ڪينٽ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ دهشتگردي ۽ قتل جا قلم شامل ڪيا ويا آهن

گذريل ڏينهن ڳوٺ هاليجوي ۾ هڪ ئي گهر جي 11 ڀاتين کي ڪُهي قتل ڪرڻ وارو واقعو پيش آيو هو جنهن ڏوه جو پوليس وٽ گهرڌڻي ۽ سندس ٽن پٽن اعتراف ڪندي چيو هو ته زميني تڪرار تان گهرڀاتين کي قتل ڪري الزام مخالفن مٿان مڙهڻ جو پلان جوڙيو هو،

 جوابدارن مان نينگر ماجد انڍڙ انڪشاف ڪيو آهي ته والد کيس به قتل ڪرڻ چاهيو ۽ روئيندي چيو ته هــُـو سڀ ڪجهه الله جَي حڪم تي ڪري رهيو آهي،  واضح رهي ته جوابدار وهاب الله ۽ سندس 4 پُٽ حبيب الله، دُر محمد، حزب الله ۽ ماجد انڍڙ عادلپور مان گرفتار ٿي چڪا آهن.

 

مٽياري جي نيوسعيدآباد ڀرسان ڪارنھن الزام ھيٺ ناري کي قتل ڪري لاش دفنائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پوليس ناري جي پيءَ ۽ 2 ڀائرن کي گرفتار ڪري ورتو،

ميڊيا رپورٽ مطابق ته

 مقتولڻ جو نالو حنا ڌي آگيڏنو ٻلال طور معلوم ٿيو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته ناري حنا کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري دفنايو ويو آهي،

پوليس موجب معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪيون پيا، لاش جي ڳولا ڪئي پئي وڃي

 

گمبٽ ڀرسان نوشهر فيروز واسي نوجوان گلزار ماڙيچو گهرو پريشانين کان تنگ ٿي آپگهات ڪري ڇڏيو،

 نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمس اسپتال داخل ڪيو ويو جتي ان دم ڌڻي حوالي ڪيو،

واقعي کانپوءِ آپگهات ڪندڙ نوجوان جي گهر ۾ قهرام مچي ويو.

 

جروار واسي نوجوان ميرپور ماٿيلو ويندي موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب سخت زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاء سکر نيو ويو

جروار واسي نوجوان شڪيل احمد بوذدار جروار کان ميرپور ماٿيلو وڃي رهيو هو ته رستي ۾ موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ جي ڪري سخت زخمي ٿي پيو جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري ميرپور ماٿيلو جي ڊاڪٽرن کين سکر ريفر ڪيو جنهن کي علاج لاء مائٽ سکر کڻائي ويا

 

 

 

اي ايس پي اياز احمد جو گهوٽڪي ۾ ٽريننگ مدو پورو ، ايس پي آفيس ۾ الوداعي تقريب کيس سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي سميت مختلف تحفن سان نوازي ، نيڪ خواهشن سان روانو ڪيو ويو

ايس ايس پي آفيس جي پي آر او افتخار آرائين جي پريس پڌرائي مطابق ته

ضلعي هيڊ ڪوارٽر ميرپور ماٿيلو ۾ ٿيندڙ الوداعي تقريب کي ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل خطاب ڪندي اي ايس پي اياز احمد جي ڊيوٽي واري ڪارڪردگي کي ساراهيندي هن لاء نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو

ان موقعي تي اي ڊي سي ون گهوتڪي عثمان عبدالله ، ضلعي جي سمورين سب ڊويزنن جا اسسٽنٽ ڪمشنرز ، ڊي ايس پي ميرپور ماٿيلو عبدالحق ڀٽو، ڊي ايس پي رانوتي آصف علي آرائين، نياز احمد فاروقي ، سميت ٻيا آفيسر توڙي اسٽاف جا ملازم پڻ موجود هئا

ان موقعي تي ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل سميت اسٽآف جي ملازمن پڻ اي ايس پي اياز احمد کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پڻ پارايا

ان دوران ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل اي ايس پي جي خدمتن کي ساراهيندي کيس شيلڊ جو تحفو پڻ ڏنو

 

 

 

 

 

موسميات کاتي ڪراچي ۾ سڀاڻي کان کنوڻ ۽ طوفان سان گڏ تيز برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي موسميات کاستي جو چوڻ آهي ته 21 ۽ 22 آگسٽ تي شهر ۾ کنوڻ سان گڏ وچولي ۽ تيز برساتن جو امڪان آهي

.موسميات کاتي  چوماسي جي برساتن جي حوالي سان رپورٽ جاري ڪندي ٻڌايو ته چوماسي جو سلسلو  سنڌ  جي طرف وڌي رهيو آهي.

 ڪراچي کان علاوه سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به برساتون پوڻ جو امڪان آهي.ڊائريڪٽر موسميات  عبدالقيوم ڀٽو ٻڌايو آهي ته ڀارتي علائقي راجستان جي ويجهو هوا جو گهٽ دٻاءُ موجود آهي جيڪو اولهه طرف وڌي رهيو آهي.

موسميات کاتي موجب برساتن جو اهو سلسلو آچر تائين جاري رهي سگهي ٿو. ٿرپارڪر، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، سانگهڙ، حيدرآباد ۽  ٻين ضلعن ۾ به برسات جو امڪان آهي.

Comments

Popular posts from this blog

ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ضلعي جي پوليس کي سماجي

قادرپور ويجهو سنڌو درياء ۾ پاڻي جي سطح ۾ لاٿ اچڻ بعد درياء

شهري اتحاد سرحد پاران سرحد ۾ روڊ حادثن کان حفاظت جي سلسلي ۾ سيمينار ٿي گذريو،