ڪربلا جي ميدان تي اسلام جي سربلندي لاءِ عظيم قرباني ڏيندڙ
ڪربلا جي ميدان تي اسلام جي سربلندي لاءِ
عظيم قرباني ڏيندڙ امام حسين عليه السلام ۽ سندس ساٿين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري
آهي،گهوٽڪي ضلعي جي
ننڌن وڏن شهرن مان ماتمي جلوس ڪڍڻ جو سلسلو جاري گهوٽڪي سميت سنڌ جي ڪيترن شهرن ۾ موبائيل فون سروس بند ڪئي وئي
گهوٽڪي ضلعي ۾ 10 محرم الحرام جي حوالي سان ڪربلا جي شهيدن
کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ گهوٽڪي جي مختلف علائقن مان ماتمي جلوس ڪڍيا ويا. گهوٽڪي،ميرپورماٿيلو،ڏهرڪي،اوٻاوڙو،۽
خانپور مهر سميت سنڌ جي ننڌن وڏن شهرن مان ماتمي جلوس ڪڍيا جو سلسلو جاري رهيو.جڏهن
ته لنگر ۽ سبيل وراهيو ويو..
ميرپورماٿيلو مان مرڪزي ماتمي جلوس پڙ باقر شاهه تان برآمد
ٿيو جنهن دوران،هر طرف يا حسين عه جون صدائون ٿينديون رهيون
*ماتمي جلوس مختلف رستن کان ٿيندو امام بارگاهه حسينيا تي نهر
ٿيو.
10 محرم الحرام جي حوالي سان گهوٽڪي ۾ مرڪزي ماتمي جلوس امام
بارگاهه الحسيني ٰ کان ڪڍيو ويو جيڪو ايف ايم آفيس حسين ٻيلي چوڪ تي پهچڻ بعد مجلس
عزا پڙهي وئي جنهن بعد مرڪزي ماتمي جلوس امام بارگاهه منزلي مهندي تي نهر ٿيو..
ان حوالي سان سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا. ان
دوران شهر جي مختلف رستن کي اچ وڃ لاءِ مڪمل سيل ڪيو ويو
.ٻي پاسي گهوٽڪي شهر جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ موبائيل فون
سروس به بند رهي
گهوٽڪي ضلعي جي پنجن ئي تعلقن گهوٽڪي، ميرپور
ماٿيلو، ڏهرڪي اوٻاوڙو ۽ خانپور مهر جي مڙني ننڍن وڏن شهرن ۾ 10 هين محرم الحرام
جي حوالي سان امن امان کي برقرار رکن لاء سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا..
ماتمي جلوسن ۽ مجلسن توڙي ماتمي جلوسن جي گذرگاهن جي حفاظت
لاء 3 هزار اهلڪار ۽ آفيسر مقرر ڪيا ويا.
10 هين محرم الحرام جي حوالي سان گهوٽڪي صلعي ۾ ننڍا وڏا 53
ماتمي جلوس ڪڍيا ويا ۽ 55 مجلسن جو شيڊول جاري ڪيو ويو
گهوٽڪي پوليس پاران مرڪزي ماتمي جلوسن واري هنڌن تي پي آر
ايف جي خصوصي ڪمانڊوز آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو آهي جنهن دوران 12 سو آفيسر پنهنجي ڊيوٽي ڏيئي رهيا آهن
ان کان علاوه اهم چوڪن چوراهن ۽ رستن تي پوليس پڪٽون پڻ
قائم ڪيون ويون آهن
ڪراچي ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مرڪزي
ماتمي جلوس نشتر پارڪ کان برآمد ٿيڻ بعد منزل ڏانهن روانو ٿيو
انتهائي سخت سيڪيورٽي ۾ ماتمي جلوس طئه ٿيل رستن تان ٿيندو کارادر
۾ امام بارگاهه حسينيه ايرانيه تي نهر ٿي رهيو آهي
حيدرآباد ۾ ڏهين محرم الحرام جو مرڪزي ماتمي جلوس قدم گاهه مولا
علي تان برآمد ٿيو ،جنهن ۾ مختلف علائقن مان نڪتل 200 کان وڌيڪ ماتمي جلوس مرڪزي ماتمي
جلوس ۾ شامل ٿيا.
اهڙي ريت سکر، لاڙڪاڻو، دادو، ڄامشورو، ڪنڌڪوٽ، خيرپور ۽ ٻين
شهرن ۾ به يا حسين جي صدائن سان عزاداري، نوحه خواني، سينا زني ۽ زنجير زني سان ڪربلا
جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
ڪراچي ۾ وڏي وزير پاران کارادر ۽ ٻين ماتمي جلوسن
جي روٽس جو دورو ڪيو ويو..
وڏي وزير پاران .آرام باغ کان صدر تائين ۽ ڪيپري سئنيما کان ٽاور تائين طعه ٿيل ماتمي جلوسن
جي روٽ جو جائزو ورتو ويو،
وڏي وزير چيو ته سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن، سمورا
روڊ صاف ۽ ڪليئر آهن، صفائي جو نظام به بهتر ڪيو ويو آهي
پنو عاقل جي سلطان پور واري علائقي ۾
اڻڄاتل جوابدارن جو ماتمي جلوس تي حملو 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا..
ڳوٺ ڪُري انڍڙ ۾ جوابدارن ماتمي جلوس ۾ شامل
عزادارن تي ڏنڊن جو وسڪارو لائي ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾
عاشق انڍڙ،غلام حيدر،لياقت علي آرائين،علم الدين ۽ رياض انڍڙ شامل آهن.
واقعي بعد پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇاپا هڻي
حملي ۾ ملوث 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
نصيرآباد ۾ جوابدار پوليس اهلڪارن کي ڊوڙائي ڊوڙائي ٿڪائي
ڇڏيو گرفتاري کان بچڻ لاءِ شاخ ۾ ٽپو ڏنو پر پوليس اهلڪارن نيٺ جوابدار کي پڪڙي
ورتو..
نصير آباد ۾ ڀنگ جي ڪيس ۾ گهربل جوابدار جاويد شيخ گرفتاري کان بچڻ
لاءِ ارٿر شاخ ۾ ٽپو ڏنو ته پوليس اهلڪار به شاخ ۾ گِهڙي پيا، سٽي ٿاڻي جي پوليس
نيٺ ڀنگ جي ڪيس ۾ گهربل جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
ڄامشوري ۾معصوم ٻارڙي سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي
آهي، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي،
ڄامشوري جي سوسائٽي جوابدار ۾ 8 ورهين جي نينگري سان خرچي ڏيڻ
بهاني زيادتي جي ڪوشش ڪئي، ٻارڙي پاڻ ڇڏائي وارثن وٽ پهتي،
جنهن بعد وارثن جي فرياد تي واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس جوابدار رميز ميمڻ کي گرفتار
ڪري ورتو آهي.
شهدادپور ويجھو پوليس اهلڪار جو گهر مان گولي لڳل لاش هٿ
ڪيو ويو..
شهدادپور ڀرسان ڳوٺ موسيٰ مڪراڻي ۾ پوليس اهلڪار جاويد چانڊيو جو
گهر مان گولي لڳل لاش هٿ ڪيو ويو.پوليس اهلڪار جي پُٽ اشفاق چانڊيو کي گرفتار ڪري
ورتو،
اهلڪار جي پُٽ اشفاق چانڊيو چيو آهي ته هو والد جو پستول صاف ڪري
رهيو هو ته اوچتو گولي ڇٽي وئي ۽ هو گولي جو شڪار ٿي ويو،
پوليس موجب ته اهلڪار جي پُٽ کان پُڇاڳاڇا جاري آهي، اها به جاچ ڪئي
پئي وڃي ته پستول لائيسنس وارو آهي يا نه.
سلطانپور ويجھو موٽرسائيڪل جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ پيرسن
جوڙو زخمي ٿي پيا..
سلطانپور ويجهو خاصو لنڪ روڊ تي اڻڄاتل موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ ڳوٺ وڌڻ
مهر واسي مسمات سوني چنو ۽ سندس مڙس شريف چنو زخمي پيا. زخمي ٿيل زال مڙس کي مقامي
اسپتال منتقل ڪيو ويو. پيرسن عورت جون ٻئي ڄنگهون ڀڄي پيون.
احساس ايمرجنسي پروگرام جي رقم وصول ڪرڻ
جي آخري تاريخ ۾ وڌيڪ 15 ڏينهن تائين واڌ ڪئي وئي آهي..
سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي جي باري ۾ وزيراعظم جي
صلاحڪار ڊاڪٽر ثانيه نشتر احساس ايمرجنسي ڪيش ادائيگين تحت صوبن لاءِ حتمي تاريخ
هن مهيني آگسٽ جي 31 تاريخ کان ايندڙ مهيني سيپٽمبر جي 15 تاريخ تائين واڌ ڪري ڇڏي
آهي.
گهوٽڪي 91 ريڊيو ايف ايم جي
آفيس ۾ محفل مسالمه منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ جڳ مشهور شاعرن ۽ ڏات ڌڻين امامن سڳورن
جي شهادت جي حوالي سان تخليقون پيش ڪيون
هر دل عزيز ريڊيو چينل گهوٽڪي 91 ريڊيو
ايف ايم جي ميزباني هيٺ منعقد ڪيل محفل مسالمه جي ميزباني جا فرض غضنفر بخاري سرانجام
ڏنا.
ريڊيو ايف ايم جي ٽاپ فلور تي منعقد ٿيل محفل
مسالمه کي لائيو نشر ڪيو ويو.
محفل مسالمه ۾ شريڪ ٿيندڙ ڏات ڌڻين ۾ شامل
هئا. عبدالمجيد عرضي جنهن قصيدو پيش ڪيو،ان کان علاوه فقير نصير چنه قصيدو،فقير
علڻ الستي خانپور مهر واري نوحو،جمال غالب خانپور مهر واري سلام،ساگر عباسي عادلپو
واري سلام،فداحسين حيدراڻي ميرپور ماٿيلو سلام قصيدو،ذولفقار ڪورائي پنوعاقل بيت،سيد
نثار احمد شاه خانپور مهر سلام،ساجد علي مهر خانپور مهر واري سلام،گلزار احمد چنو
باغ چنه واري قصيدو پيش ڪيو،سيد جعفر بخاري ٻيرڙي واري قصيدو، سڪندر اوڳاهي سرحد
واري سلام،اياز لطيف دايو گهوٽڪي واري سلام،نويد منتظر گهوٽڪي واري نظم،سڪندر مگسي
گهوٽڪي واري سلام، سيد واجد گيلاني گهوٽڪي واري مرثيو،رئوف پارس دايو گهوٽڪي واري
آَزاد نظم،عبدالحئي ڀٽو ماٿيلو مومل جي ماڙي واري امامن جي شان ۾ شاعري،پريل دايو
پنوعاقل واري سلام،قاضي محبوب عادلپوري سلام،محمد سليم دايو سلام،حامد علي ڪلوڙ
عادلپور واري قصيدو ۽ رشيد ڪليري امامن جي شان ۾ قصيدو پڙهيو.
گهوٽڪي 91 ريڊيو ايف ايم طرفان ڪوٺايل
محفل مسالمه ۾ شريڪ ماڻهن کي نياز پڻ کارايو ويو..
ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن سيڪورٽي فورسز تي فائرنگ ڪري پاڪ فوج
جي ٽن جوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر ترجمان موجب سرچ آپريشن دوران دهشتگردن
فورسز مٿان فائرنگ ڪئي جنهن ۾ ٽي جوان شهيد ۽ 4 زخمي ٿي پيا. ترجمان موجب شهيد ٿيلن
۾ صوبيدار نديم،لانس نائڪ مصور ۽ سپاهي سليم شامل آهن.
والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جاري آهي،
قابض فوج وڌيڪ ٽن نوجوانن کي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو.ڪشمير ميڊيا سروس موجب، ڀارتي فوج رياستي دهشتگردي دوران رات جي اونداهي ۾ جعلي
سرچ آپريشن ۾ وڌيڪ ٽن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪيو. ٽن ڏينهن دوران ڀارتي فوج فائرنگ
ڪري 10 نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي. قابض ڀارتي فوج سرينگر جي علائقي پنٿا چوڪ ۾
سرچ آپريشن ڪيو. آپريشن دوران ايندڙ ويندڙ رستن کي سيل ڪيو ويو، جڏهن ته امڪاني احتجاج
سبب موبائل فون سروس پڻ معطل ڪئي وئي
شاهراهه فيصل ڪارساز وٽ ڪار ۽ رڪشا ۾ ٽڪر دوران 3 ڄڻا زخمي ڪار ۽ رڪشي کي باهه
وڪوڙي وئي. حادثي جي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو
گهوٽڪي ويجهو نوجوان کي مبينا طور اغوا ڪرڻ ڪوشش:
مزاحمت تي نوجوان زخمي جوابدار فرار
مسو خان ڪلوڙ واري علائقي مان نوجوان کي مبينا طور اغوا ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي وئي مزاحمت تي جوبدار فرار ٿي ويا. اغوا کان بچي زخمي ٿيل نوجوان عبدالجبار
چنا کي علاج لاء اسپتال پهچايو ويو. نوجوان موجب گهر ٻاهران بيٺل هيس ته جوابدارن اغوا
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي دانهون ڪرڻ تي جوابدار ڦٽو ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. واقعي جو اطلاع گهوٽڪي
پوليس کي ڪيو ويو
باڊھه۾ گهر جي ڇت ڪرڻ واري واقعي جو وڌيڪ هڪ زخمي
فوت: فوتين جو انگ ٻه ٿي ويو
باڊهه لڳ ڳوٺ جکرا ۾ پورهيت بشير سولنگي جي گهر جي ڇت ڪرڻ سبب
زخمين مان وڌيڪ هڪ نوجوان فوت فوتين جو انگ ٻه ٿي ويو. ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 21ڏينهن جي
نينگري ٿڏي تي فوت ۽ ٻن ٻارڙين سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا هيا. زخمين ۾ هڪ نوجوان پنهل
سولنگي زخمن جا سٽ نه سهندي لاڙڪاڻي اسپتال ۾ دم ڏنو. واقعي جي وڌيڪ زخمين جو لاڙڪاڻي
اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي.
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات جي نئين اسپيل خوف پکيڙي ڇڏيو
. ٿر جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات
جاري ننگرپارڪر ۽ ڀرپاسي تيز هوا سان برسات بعد ڪارونجهرو جبل تي نئيون وهي آيون
. گهوٽڪي، سرحد، قادرپور مقصودو رند، سرهاڙي، گپچاڻي، ڄام صاحب،ڪوٽ لالو
۽ آسپاس وارن علائقن ۾ طوفاني برسات پئي
رستن ۽ گهٽين ۾ پاڻي
بيهجي ويو. بجلي ۽ مواصلاتي نظام ڊانواڊول ٿي ويو.
موسميات کاتي ڪراچي،
ميرپور خاص ۽ حيدرآباد سوڌو ٻين علائقن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر شهري ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪندي
چيو آهي ته چوماسي جي هوائن جو نئون سسٽم سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿي چڪو آهي،
پي ڊي ايم اي به شهري ٻوڏ جي حوالي سان الرٽ جاري ڪري ڇڏيو،
لاڳاپيل اختيارين کي اڳواٽ اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي..
Comments
Post a Comment