حيدرآباد مان نوجوان ناري مبينه بليڪ ميل ٿي اغوا
حيدرآباد مان نوجوان ناري مبينه بليڪ ميل ٿي اغوا
، ناري جو وارثن سان رابطي بعد نمبر بند ٿي ويو، اهڙي آگاهي بعد پوليس ناري جي
بازيابي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاء ٽيمون تشڪيل ڏيئي گهوٽڪي رواني ڪري ڇڏي
حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي مان هڪ ناري کي بليڪ ميل
ڪري مبينا طور اغوا ڪيو ويو آھي، نسيم نگر ٿاڻي جي حد ۾ رهندڙ 20 سالن جي ناري “ث”
جي هڪ نوجوان “ب ا م” سان موبائيل فون تي دوستي هئي جنهن کيس ڌمڪي ڏني ته جيڪڏھن هو
سونا زيور ۽ رقم کڻي وٽس نه آئي ته هو سندس وڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ڪندو
اهڙي ڌمڪي بعد ناري ساڻس ملڻ لاءِ وئي جنهن بعد هو واپس گهر
نه پهتي.
پوليس ذريعن موجب ناري نوجوان سان ٿيل چيٽ پنهنجي وارثن کي به
موڪلي آهي جنهن بعد سندس موبائيل نمبر بند ٿي ويو آهي
. اهڙي آگاهي لاڳاپيل پوليس کي به ڏني وئي آھي. پوليس جي مختلف
ٽيمن ناري جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آھي.
هڪ ٽيم گهوٽڪي به رواني ٿي آھي. پوليس ذريعن ناري جي زندگي کي
خطري جو خدشو به ظاهر ڪيو آھي.
دادو ۾پ پ ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو جي ڀاءُ جي گهر
تي ڇاپو، ڊرائيور سميت 4 ڄڻا گرفتار،
تفصيل موجب دادو ۾ حيدرآباد
پوليس جي اسٽيٽيڪل کاتي جي ڊائريڪٽر پ پ ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو جي ڀاءُ جي گهر تي
ڇاپو هڻي ڊرائيور علي جاگيراڻي سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
دادو پوليس جو چوڻ آهي
ته پ پ ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو جي ڀاءُ پرويز چانڊيو جو ڊرائيور حيدرآباد مان ڇوڪري
جي اغوا جي واقعي ۾ملوث آهي، جنهن کي حيدرآباد پوليس گرفتار ڪري وئي آهي.
سنڌ ۾ تعليمي ادارا کلڻ بعد 10مهينن جو ڪورس 6
مهينن ۾ ڪيئن پورو ٿيندو ، تعليم کاتي والدين جي پريشاني جو حل ڳولي ورتو..
تعليم واري سيڪريٽري اسڪول ۽ ڪاليج ۾ ڪورس پڙهائڻ جو
طريقيڪار تيار ڪري ورتو آهي
تعليم واري سيڪريٽري مطابق ته 11 هين ۽ ٻارهين ڪلاس جي
شاگردن کي سائنس ، رياضي ۽ انگلش جو 30 سيڪڙو ڪورس پڙهايو ويندو جڏنهن ته نائين ۽
10 هين ڪلاس جي شاگردن کي سائنس، رياضي ، سنڌي ۽ انگلش جو 40 سيڪڙو ڪورس پڙهايو
ويندو ..
تعليم واري سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته 6 هين کان 8 ڪلاس جي
شاگردن کي سائنس ، رياضي، ۽ انگلش جو 50 سيڪڙو جڏنهن ته پهرين کان پنجين ڪلاس جي
شاگردن کي لٽريسي، رياضي، ۽ جنرل ناليج جو 30 سيڪڙو پڙهايو ويندو
2021 ۾ تعليمي سيشن مئي مهيني کان شروع ڪيو ويندو ۽
سيڪريٽري تعليم جي سفارش جي منظوري بعد نوٽييفڪيشن جاري ڪيو ويندو ..
پنهنجو ديس ڇڏي، ڀارت لڏي ويندڙ گهوٽڪي واسي هندو
خاندان تنگ ٿي واپس موٽي آيو سندن چوڻ آهي ته هو هتي پر سڪون زندگي گذاري رهيا هئا
ڀارت وڃڻ بعد کين جهوپڙين ۾ رهڻو پيو هو، هو پنهنجي وطن واپس اچي ڏاڍو سڪون محسوس
ڪن ٿا
14
ماڻهن تي ٻڌل گهوٽڪي واسي هندو خاندان ڀارت کان واهگه بارڊر رستي پاڪستان پهچي ويو
واپس موٽي ايندڙ خاندان جو چوڻ هو ته هنن غلطي ڪري ڀارت
لڏپلاڻ ڪئي اتي کين جهونپڙين ۾ رهڻو پيو ۽ تمام بري حالات ۾ زندگي کي گذارڻو پيو
پئي رهيو هو
هنن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ هنن جي زندگي تمام بهتر ۽
پرسڪون گذري رهي هئي هاڻي هو واپس پنهنجي ملڪ ۾ اچي تمام پرسڪون ۽ انتهائي خوشي
محسوس ڪري رهيا آهن هتي کين تحفظ حاصل آهي
واهگه بارڊر کان لاهور ايندڙ هندو خاندان بعد ۾ پنهنجي اباڻي شهر گهوٽڪي پهچي ويو
ڀارت کان واپس پنهنجي ڏيهه ايندڙن ۾
نانڪ رام ، سندس گهرواري فقيراڻي ، پٽ چاند، شيوڪ رام،
ارجنداس، ڀارت، رام ديو، نياڻي سيوا ڌاري، ان کان علاوه سپنا، ڪنهيا لال، موٽڻ مال
، منوج ڪمار، ڦول چند، ۽ اوم پرڪش شامل آهن
گهوٽڪي ڀرسان مبينه طور ڀاء سان ويندڙ ڀيڻ کي
کنڀڻ جي ڪوشش گهوٽڪي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي
ڳوٺ صالح مهر جي رهواسي الهجيوايو مهر پاران گهوٽڪي ٿاڻي تي
پهچي اطلاع ڏنو ويو آهي ته هو پنهنجي ڀيڻ سان گڏ موٽرسائيڪل تي سوار ٿي وڃي رهيو
هو ته ڳوٺ مسو خان ڪلوڙ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار جوابدارن کيس کنڀڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي
پوليس جو چوڻ آهي ته هو واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهن جڏنهن ته
متاثر ڀاء ڀيڻ ايس ايس پي کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي
هڪ هفتو اڳ پر اسرار نموني گم ٿي ويل گهوٽڪي جي
علائقي يارو لنڊ جو رهواسي نوجوان عزيز رحمان لنڊ جي وارثن پاران اغوا ٿيڻ جي تصديق۔ مغوي جي نمبرجي لوڪيشن ڳڙھي تيغو واري علائقي ۾ ملي آھي۔
مغوي جي نمبر تان ڌاڙيلن
پاران والد غازي لنڊ کي فون ڪري 50 لک رپيا ڀنگ طلب
ڪراچي شھر ۾ نجي منرل واٽر جي ھڪ ڪمپني جي ملزم ۽ ڳوٺ يارو لنڊ
جو رھواسي نوجوان عزيز لنڊ عورتاڻي آواز تي ھرکجي غوثپور ڀرسان ڳڙھي تيغو واري علائقي
مان مبينه طور اغوا ٿيڻ جي تصديق سندس وارثن ڪري ڇڏي آھي۔
مغوي جي والد غازي لنڊ
ٻڌايو ته هن جو پٽ ڪراچي ۾ منرل واٽر جي نجي
ڪمپني ۾ سيلز مئن آھي جيڪو دوستن کي اھو ٻڌائي ھڪ ھفتو نڪري آيو ته مان دوستن سان ملڻ
شڪارپور طرف وڃي رھيو آھيان۔
اسان ساڻس رابطو ڪيو ته ھن ٻڌايو ته ھو ڪنھن عورت دوست سان ملڻ
لا۽ نڪري آيو آھي۔ بعد ۾ ھن جو موبائيل نمبر بند ٿي ويو ۽ ٽن ڏينھن بعد اسانکي ڏوھارين
طرفان ڌمڪي واري فون آيو ته پنجاھ لک ڀنگ جو بندوبست ڪيو نه ته نوجوان کي ماري سندس
لاش اڇلائي وينداسون۔
ٻئي پاسي وارثن جي گھر
۾ ڪھرام متل آھي ۽ ھنن ڊي آ۽ جي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو آھي ته سندن نوجوان کي بازياب
ڪرايو وڃي اسان مسڪين ماڻھو آھيون ايتري سگھه ڪونھي جو لکين روپيه ڀنگ ڀري سگھون۔۔
را جو ايجنٽ ٿيڻ کان انڪار تي ڀارت ۾ سنڌ واسي پاڪستاني
هندن کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي
پاڪستان ڀارت ۾ 11 پاڪستاني هندن جي پراسرار قتل بابت
حقيقتن کان آگاه ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي
واضح رهي ته گذريل مهيني ڀارتي رياست راجستان جي شهر جوڌپور
۾ هڪ ئي خاندان جا 11 پاڪستاني مئل حالت ۾ مليا هئا
ڊيلي جنگ جي رپورٽ مطابق ته
ان حوالي سان پرڏيهي وزارت ۾ هفتيوار ميڊيا بريفنگ ۾ ترجمان
زاهد حفيظ چوڌري جو چوڻ آهي ته ان معاملي تي متاثر خاندان جي هڪ نياڻي شريمتي مکي
پريس ڪانفرنس ۾ اهو الزام لڳايو آهي تي ڀارتي خفيه ايجنسي را سندس خاندان کي
پاڪستان مخالف ايجنٽ بڻجڻ جو چيو ۽ انڪار تي کين قتل ڪيو ويو آهي
ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارتي پاليسيون علاقائي امن جي
لاء خطرو آهن ڀارت کي بار بار 11 پاڪستاني هندن جي پراسرار موت جي جاچ بابت اگھاه
ڪرڻ جو چيو ويو آهي پر هن مهل تائين پاڪستان کي ڪنهن به قسم جي جاچ کان آگاه ناهي
ڪيو ويو
Comments
Post a Comment