تعليمي ادارن ۾ ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ سنڌ جي مختلف

 

تعليمي ادارن ۾ ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ سنڌ جي مختلف سرڪاري تعليمي ادارن ۾ 88 ڪيس سامهون اچي ويا،

 صحت کاتي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپور خاص ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ تعليمي ادارن جي 13 هزار 274 ملازمن جي سيمپلز وٺي ڇڏيا،

 تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته اسڪولن ۾ ايس او پيز تي عمل نه پيو ٿئي، لڳي ٿو تعليمي ادارن کي ٻيهر بند ڪرڻو پوندو ۽ مامرا صحيح رُخ ڏانهن نه ويا ته اسڪولز بند ڪرڻ ۾ دير نه ڪنداسين

، ٻارن جي صحت تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي،

 اسڪولن ۽ ڪاليجز ۾ 13 هزار شاگردن جي ٽيسٽ ڪئي وئي، 88 شاگردن کي ڪورونا جي تصديق ٿي آهي.

 

احتساب عدالت پارڪ لين، مني لانڊرنگ ۽ ٺٽو واٽر سپلاءِ ريفرنسز رد ڪرڻ بابت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 احتساب عدالت ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري نيب ريفرنسز رد ڪرڻ بابت اپيل داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته نيب مٿس جيڪي الزام لڳائي رهيو آهي، انهن سان سندس واسطو ئي ناهي.

 آصف زرداري جي وڪيل اپيلن تي دليل مڪمل ڪيا، جنهن بعد عدالت فيصلو محفوظ ڪيو هو، جڏهن ته نيب آصف زرداري جون اپيلون رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي. آصف زرداري جون اپيلون رد يا منظور ٿيڻ بابت فيصلو احتساب عدالت جاري ڪندي.

احتساب عدالت خورشيد شاهه ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي وڪيلن جي هڙتال سبب 5 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي،

 خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته منهنجو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، آئون هر ڳالهه کي منهن ڏيڻ لاءِتيار آهيان.

آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه کي اسپتال کان ايمبولنس ذريعي احتساب عدالت آندو ويو

وڪيلن جي هڙتال سبب عدالت بنا ڪارروائي جي ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته عدالت مونکي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته نيب وارا هاٰءِ ڪورٽ هليا ويا، منهنجو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، آئون هر ڳالهه کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موجود آهيان،

هن چيو ته وزير اعظم جي قول ۽ فعل ۾ فرق آهي، عمران خان جيڪي عوام سان واعدا ڪيا اهي پورا ناهن ڪيا

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪينجهر تي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ واري واقعي خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران سياحت کاتي ۽ ڊي سي ٺٽو رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، ايس ايس پي ٺٽو به عدالت آڏو پيش ٿيو،

سياحت کاتي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪائونٽرز قائم ٿيڻ تائين سياحن کي ڪينجهر تي تفريح لاءِ اچڻ جي اجازت نه هوندي، ڪينجهر تي ايندڙ سياحن جي نگراني لاءِ 3 واچ ٽاورز قائم ڪرڻ جو فيصلو ويو آهي،

 ٻيڙياتن لاءِ ايس او پيز تي عمل کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ سمورين لاڳاپيل ڌُرين جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي قائم وئي وئي،

 سنڌ هاءِ ڪورٽ کي رپورٽ ۾ آگاهه ڪيو ويو آهي ته ڪميٽي ماهوار ڊي سي ٺٽو آڏو رپورٽ جمع ڪرائيندي، ڍنڍ اندر تفريحي ايريا ۾ مڇي جو شڪار ڪرڻ لاءِ ٻيڙيون هلائڻ تي پابندي آهي،

 هاڻي سمورين ٻيڙين جي رجسٽريشن ڪئي ويندي، پاڪ نيوي جا ماهر ٻيڙين جي فٽنيس جو جائزو وٺڻ بعد رجسٽريشن ڪندا، ڪينجهر تي ريسڪيو سينٽر قائم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي،

 ڪينجهر ڍنڍ ۾ ٻيڙيون اونڌيون ٿيڻ جي واقعن کان بچڻ لاءِ سياحت کاتي طرفان ڍنڍ تي وڌيڪ 3 ڪائونٽرز قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

عدالت درخواست گذار کي سياحت کاتي جي رپورٽ تي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 

 

 

Comments

Popular posts from this blog

ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ضلعي جي پوليس کي سماجي

قادرپور ويجهو سنڌو درياء ۾ پاڻي جي سطح ۾ لاٿ اچڻ بعد درياء

شهري اتحاد سرحد پاران سرحد ۾ روڊ حادثن کان حفاظت جي سلسلي ۾ سيمينار ٿي گذريو،