تعليمي ادارن ۾ ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ جي نتيجي

 

تعليمي ادارن ۾ ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ سنڌ جي مختلف سرڪاري تعليمي ادارن ۾ 88 ڪيس سامهون اچي ويا،

 صحت کاتي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپور خاص ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ تعليمي ادارن جي 13 هزار 274 ملازمن جي سيمپلز وٺي ڇڏيا،

 تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته اسڪولن ۾ ايس او پيز تي عمل نه پيو ٿئي، لڳي ٿو تعليمي ادارن کي ٻيهر بند ڪرڻو پوندو ۽ مامرا صحيح رُخ ڏانهن نه ويا ته اسڪولز بند ڪرڻ ۾ دير نه ڪنداسين

، ٻارن جي صحت تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي،

 اسڪولن ۽ ڪاليجز ۾ 13 هزار شاگردن جي ٽيسٽ ڪئي وئي، 88 شاگردن کي ڪورونا جي تصديق ٿي آهي.

احتساب عدالت پارڪ لين، مني لانڊرنگ ۽ ٺٽو واٽر سپلاءِ ريفرنسز رد ڪرڻ بابت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 احتساب عدالت ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري نيب ريفرنسز رد ڪرڻ بابت اپيل داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته نيب مٿس جيڪي الزام لڳائي رهيو آهي، انهن سان سندس واسطو ئي ناهي.

 آصف زرداري جي وڪيل اپيلن تي دليل مڪمل ڪيا، جنهن بعد عدالت فيصلو محفوظ ڪيو هو، جڏهن ته نيب آصف زرداري جون اپيلون رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي. آصف زرداري جون اپيلون رد يا منظور ٿيڻ بابت فيصلو احتساب عدالت جاري ڪندي.

احتساب عدالت خورشيد شاهه ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي وڪيلن جي هڙتال سبب 5 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي،

 خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته منهنجو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، آئون هر ڳالهه کي منهن ڏيڻ لاءِتيار آهيان.

آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه کي اسپتال کان ايمبولنس ذريعي احتساب عدالت آندو ويو

وڪيلن جي هڙتال سبب عدالت بنا ڪارروائي جي ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته عدالت مونکي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته نيب وارا هاٰءِ ڪورٽ هليا ويا، منهنجو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، آئون هر ڳالهه کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موجود آهيان،

هن چيو ته وزير اعظم جي قول ۽ فعل ۾ فرق آهي، عمران خان جيڪي عوام سان واعدا ڪيا اهي پورا ناهن ڪيا

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪينجهر تي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ واري واقعي خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران سياحت کاتي ۽ ڊي سي ٺٽو رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، ايس ايس پي ٺٽو به عدالت آڏو پيش ٿيو،

سياحت کاتي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪائونٽرز قائم ٿيڻ تائين سياحن کي ڪينجهر تي تفريح لاءِ اچڻ جي اجازت نه هوندي، ڪينجهر تي ايندڙ سياحن جي نگراني لاءِ 3 واچ ٽاورز قائم ڪرڻ جو فيصلو ويو آهي،

 ٻيڙياتن لاءِ ايس او پيز تي عمل کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ سمورين لاڳاپيل ڌُرين جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي قائم وئي وئي،

 سنڌ هاءِ ڪورٽ کي رپورٽ ۾ آگاهه ڪيو ويو آهي ته ڪميٽي ماهوار ڊي سي ٺٽو آڏو رپورٽ جمع ڪرائيندي، ڍنڍ اندر تفريحي ايريا ۾ مڇي جو شڪار ڪرڻ لاءِ ٻيڙيون هلائڻ تي پابندي آهي،

 هاڻي سمورين ٻيڙين جي رجسٽريشن ڪئي ويندي، پاڪ نيوي جا ماهر ٻيڙين جي فٽنيس جو جائزو وٺڻ بعد رجسٽريشن ڪندا، ڪينجهر تي ريسڪيو سينٽر قائم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي،

 ڪينجهر ڍنڍ ۾ ٻيڙيون اونڌيون ٿيڻ جي واقعن کان بچڻ لاءِ سياحت کاتي طرفان ڍنڍ تي وڌيڪ 3 ڪائونٽرز قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

عدالت درخواست گذار کي سياحت کاتي جي رپورٽ تي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 

اينٽي ڪرپشن پوليس گهوٽڪي جو مئجسٽريٽ جي موجودگي ۾ پبلڪ هيلٿ آفيس تي اوچتو ڇاپو، انجنيئر اڳ ۾ ئي کسڪي ويو ، آفيس جا 6 ڪمرا مڪمل طور سيل ڪري اينٽي ڪرپشن پوليس جو عملو واپس ٿي ويو

ٻڌايو پيو وڃي ته گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ ٺهندڙ کوھن لاءِ 38 ڪروڙ جي اسڪيم ۾ خرد برد واري اطلاعن تي ڪاروائي ڪئي وئي آهي

ميرپور ماٿيلو ۾ اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر اياز حسين ميمڻ ۽ سيڪنڊ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ حميد الله خلجي پاران ميرپور ماٿيلو ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئر آفيس تي ڇاپو هنيو ته پبلڪ هيلٿ انجنيئر عبدالرئوف ڪولاچي فرار ٿي ويو جنهن بعد آفيس جي 6 ڪمرن کي مڪمل سيل ڪيو ويو

ان موقعي تي اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر اياز حسين ميمڻ ميڊيا کي ٻڌايو ته عوامي شڪايتن کان پوءِ مٿان کان حڪم مليو آهي جنهن بعد ئي  پبلڪ هيلٿ آفيس مٿان ڇاپو هنيو

هن وڌيڪ چيو ته گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ ٺهندڙ کوھن لاءِ 38 ڪروڙ جي اسڪيم ۾ خرد برد ڪيو ويو آهي

برساتن کان پوءِ ضلعي گهوٽڪي جي گهوٽڪي، ڏهرڪي، اوٻاوڙو سميت مختلف شهرن ۾ برساتي پاڻي بيهڻ کان پوءِ عوامي شڪايتن تي ڇاپو هنيو آهي...

 

شاھ لطيف ۽ ميمڻ ڳوٺ ٿاڻن جي حد ۾ پوليس ڌار ڌار ڪارروايون ڪري قتل، منشيات جي وڪري ۽ ڀتا خوري سميت مختلف ڪيسن ۾ گهربل 9 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو،

 پوليس موجب صالح محمد ڳوٺ جي غريب آباد مان نور محمد لاشاري، صمد زهريلا، سعيد برهم ۽ فريد سميت پنجن نامعلوم جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي،

 پوليس موجب گرفتار جوابدار ريتي بجري، ڀتا خوري، قبضا گير سميت ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل آهن.

هوڏانهن

ٽنڊو محمد خان پوليس شهر ۽ ڀر پاسي جي مختلف علائقن ڳوٺ محبت خان ڀرڳڙي، احمد شير ڪالوني، مير واهه پل، نظر پور ۾ ڪارروائي ڪري چئن ڄڻن سڪندر شيخ، علي اصغر نوتيار، حسين بخش لغاري ۽ عمران ميمڻ کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان وڏي مقدار ۾ مين پوڙيون، گٽڪا ۽ ڪچو شراب هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي..

سکر کان رحيميار خان ويندڙ مسافر بس جو بريڪ فيل ديوار سان ٽڪرائجڻ سبب عورت ۽ مرد زخمي ٿي پيا گهوٽڪي اسپتال داخل

گهوٽڪي باء پاس تي سکر کان رحيميار خان ويندڙ بس بريڪ فيل ٿيڻ سبب ديوار سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾  هڪ عورت سميت ٻھ ڄڻا زخمي ٿي پيا

 زخمين ۾ جاويد ملاح ۽ مائي اشرف خاتون بوزدار شامل آهن جن کي  تعلقا  اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو  ويو

اتر سنڌ ۾ لکين ايڪڙن تي پوکيل سارين جي غيرمعياري هائبرڊ ٻج سبب لکين ايڪڙ سارين جو فصل پاپڙ ٿي ويو. ڪشمور- ڪنڌڪوٽ، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ آبادگارن کي اربين رپين جو نقصان.

هائبرڊ ڪمپنين طرفان ٻه ڪلو ٻج جي ٿيلهي 2500 تائين وڪرو ڪرڻ وقت في ايڪڙ تي 120مڻ جي اپت ڏيڻ واريون دعوائون ڌوڙ ٿي ويون. في ايڪڙ پنج مڻ اپت به مشڪل ٿي وئي. آبادگار الٽو آڙتين جا قرضي بڻجي ويا.

موجب اتر سنڌ جي ڪشمور- ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ ٻين ضلعن ۾ پوکيل هائبرڊ سارين فصل نسرندي ئي پاپڙ ٿي ويو. آبادگارن کي اربين رپين جو نقصان ٿي ويو آھي. ان سلسلي ۾ ڪيل سروي موجب ڄاڻ ملي آھي ته ڪجهه سالن کان وٺي اتر سنڌ جي ضلعن سارين جي فصل ۾ چائنا کان متارف ڪرايل هائبرڊ ٻج پوکڻ شروع ٿيو آھي

. سارين جو هائبرڊ ٻج جيڪو ڪجهه سال اڳ ته سٺي پيدوار ڏيندڙ ٻج هو پر گذريل ٻن سالن کان وٺي هائبرڊ ٻج آبادگارن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آھن.

 گذريل سال جڏهن آبادگارن جو وڏو نقصان ٿيو ته ان وقت هائبرڊ ڪمپنين وارن طرفان چيو ويو ته گرمي پد گهڻي هجڻ ڪري قدرتي نقصان ٿيو آھي پر هيل سال جڏهن سارين جو فصل تيار ٿيو آھي ته رڳو خالي ٻوٽا بيٺل آھن جيڪي پاپڙ ٿيل آھن.

 هائبرڊ ڪمپنن طرفان في ايڪڙ تي 120 مڻ پيدوار ڏيڻ جي گارنٽي لکي ويندي آھي پر هن سال في ايڪڙ پنج مڻ به اپت نه پيو ڏئي.

 ان سلسلي ۾ آبادگارن ميڊيا  سان ڳالهائيندي چيو ته في ايڪڙ ٽي کان چار مڻ اپت پيو ڏئي. هنن انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته هائبرڊ ڪمپنيون چائنا کان ٻج نٿيون گهرائين. هنن چيو ته هڪ وڏي ڪمپني گارڊ هائبرڊ جنهن جي ورائٽي نمبر 50 گارڊ جيڪو اسان پوکيون ٿا ۽ اسان کي چائنا جو ڪري وڪرو ڪيو وڃي ٿو اهو گارڊ 50 بدين ضلعي جي گولاڙچي ۽ ڪڙيو گنهور شهرن ۾ تيار ٿئي ٿو.

هنن چيو ته اسان کي 50 گارڊ هائبرڊ جي ٻه ڪلو واري ٿيلهي 2400 کان 3 هزار تائين ڏني وڃي ٿي. 3 ٿيلهيون في ايڪڙ لاءِ پوکيون ٿا. اسان جو ٻيو خرچ ته نه لٿو آھي پر ٻج جو خرچ به ناهي لٿو.

 آبادگارن ٻڌايو ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد ۽ ٻين ضلعن ۾ آبادگارن جو اربين روپين جو نقصان ٿيو آھي. اسان ڪمپني وارن سان رابطو ڪريون ٿا ته هو اسان سان ڳالهائڻ لاء به تيار ناهن.

آبادگارن جو چوڻ آھي ته سنڌ حڪومت ۽ ايگريڪلچر پاران شفاف جاچ ڪرائي وڃي ته جيڪو غير معياري ٻج ڏنو ويو آھي، اهڙين ڪمپنين خلاف ڪارروائي ڪري اسان جي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

 

 

Comments

Popular posts from this blog

ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ضلعي جي پوليس کي سماجي

قادرپور ويجهو سنڌو درياء ۾ پاڻي جي سطح ۾ لاٿ اچڻ بعد درياء

شهري اتحاد سرحد پاران سرحد ۾ روڊ حادثن کان حفاظت جي سلسلي ۾ سيمينار ٿي گذريو،