گهوٽڪي لڳ لولائي برادري جي ماڻهن جو پنهنجي ذات جي ماڻهن جي ڏاڌ خلاف احتجاج نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
گهوٽڪي لڳ لولائي برادري جي ماڻهن جو پنهنجي ذات
جي ماڻهن جي ڏاڌ خلاف احتجاج نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
گهوٽڪي جي آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ هزارو
لولائي جي رهواسي مولابخش لولائي،شهباز علي ۽ ٻين ميڊيا آفيس پهچي احتجاج ڪندي
الزام هنيو آهي ته 8 مهينا اڳ ڪارنهن
جوابدار محمد ابراهيم عرف بولو لولائي،محبت علي
لولائي،عبدالحميد لولائي ۽ ٻين اسان جي گهرن تي حملو ڪري اسان منهنجي امڙ مائي
صپوران زال ڪرم علي لولائي کي ڏنڊا هڻي زخمي ڪيو ويو آهي.
هنن چيو ته اسان جي گهرن کي مبينا باهيون ڏنيون
ويون آهن جڏهن ته اسان جون 70 ٻڪريون به کڻي ويا آهن.
هنن وڌيڪ الزام هنيو آهي ته الله ڏتو لولائي کي
کيون پيا وڃن.ٿاڻي تي اطلاع ڪيو ويو آهي
ڪارنهن الزام هيٺ آيل ڌر امام بخش پٽ ڪرم علي
0300.3516728
مولابخش لولائي........
0301.2176975
ڪراچي سميت سنڌ جَي مختلف علائقن ۾ برسات کانپوءِ
هيٺانهين وارن علائقن ۾ گڏ ٿيل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو،
ڪراچي جو علائقو سرجاڻي ٽائون ٻڏڻ سبب رهواسين کي ٻيڙين ذريعي محفوظ
هنڌن تي منتقل ڪيو ويو، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، چيلهار، سامارو، سڪرنڊ، قاضي احمد، ڀان
سيد آباد، ڪُنري ۽ ٻين شهرن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات پئي.
موسميات کاتي پاران 26 آگسٽ تائين برسات جاري رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو
ويو آهي.
حيدرآباد ۾ڦر مزاحمت دوران فائرنگ، گولي لڳڻ سبب هڪ ڦورو
مارجي ويو،
هٿياربندن بسم الله سٽي ۾گهر اڳيان بيٺل نوجوان واصل ۽ آذان کان ڦر
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نوجوانن جي مزاحمت تي ساٿي جي فائرنگ ۾هڪ ڦورو مارجي ويو، پوليس
پهچي ڏوهاري جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڦوري جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي.
بلوچستان ويجھو جھل مگسي ۾ زمين جي تڪرار تان
سئوٽن هٿان سئوٽ قتل ٿي ويو...
بلوچستان جي ضلع جهل مگسي جي ڳوٺ نيازل مگسي ۾ پراڻي زميني تڪرار
تان سئوٽن فائرنگ ڪري پنهنجي 30 سالن جي سئوٽ بگن پٽ محمد صديق مگسي کي قتل ڪري
ڇڏيو.
اطلاع تي ڪوٽ مگسي ليويز ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش
کڻائي سول اسپتال جهل مگسي پهچايو جتان پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو
ويو.
پوليس موجب ته قتل ٿيل نوجوان بگن مگسي جي سئوٽن اميرعلي مگسي، ۽ جانب
علي مگسي جو زميني تڪرار هلندڙ هو جنهن سبب اڳ به ساڳئي جوابدار ڌر مقتولن جا 3
ڄڻا قتل ڪيا آهن..
مٺي ويجهو نوجوان ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو جنهن جو لاش
اسپتال منتقل ڪيو ويو،
مٺي ويجھو 28 سالن جي نوجوان ساجن پٽ گلاب ڀيل ڦاهوکائي آپگهات ڪري
ڇڏيو اطلاع تي پوليس پهچي نوجوان لاش اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪاروائي بعد
وارثن حوالي ڪيو ويو.
جڏهن ته آپگهات جو ڪارڻ
معلوم نه ٿي سگهيو، پوليس موجب وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.
حيدرآباد جي علائقي نسيم نـَگر جي رهواسڻ مڙس ۽ ڏيرن جي
تشدد کان تنگ ٿي ٿاڻي تي پهچي وئي،
نسيم نگر فيس ٻه جي رهواسڻ صوبيا زال عبدالجبار ٿاڻي تي پهچي دانهيو
آهي ته مڙس ۽ ڏيرن مٿس تشدد ڪيو آهي.
متاثر عورت صوبيا چيو ته گهر تي قبضي لاءِ مڙس ۽ ڏير کيس قتل ڪرڻ
جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
ان موقعي تي ايس ايڇ او نسيم نگر چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ صوبيا خلاف
سندس مڙس چوريءَ جو ڪيس داخل ڪرائڻ آيو هو ۽ هاڻي وري هوءَ مڙس خلاف آئي
آهي،معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
هوڏانهن مڙس خلاف دانهيندڙ عورت صوبيا انصاف لاءِ دانهڻ واري ويڊيو
سوشل ميڊيا تي به رکي ڇڏي آهي.
خيرپور ۾ واپاري راجيش ڪمار جي قتل ڪيس جا 3 جوابدار
گرفتار، ڏوهه جو اعتراف ڪيو ويو..
چيمبر آف ڪامرس خيرپور جي صدر راجيش ڪمار کي عيد رات قتل ڪيو ويو
هو،جنهن ڪيس پوليس ٽن جوابدارن ڀوڄو مل،صبغت الله ميمڻ ۽ واحد شر کي گرفتار ڪري
ورتو آهي، جوابدارن پاران ڏوهه جو اعتراف به ڪيو ويو آهي،
پوليس موجب عيد رات راجيش ڪمار کي قتل ڪيو ويو هو جنهن جي ٽن
جوابدارن ڀوڄو مل،صبغت الله ميمڻ ۽ واحد شر کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدارن ڏوهه
جو اعتراف ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي.
جيڪب آباد ويجهو نينگر جو لاش هٿ،جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي
سگهي،
ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد سومر ڳوٺ ڀرسان نينگر جو لاش هٿ آيو، لاش کي
اسپتال منتقل ڪيو ويو، نينگر جي سڃاڻپ نه ٿي، ڊاڪٽر پاران جسم تي تشدد جا نشان هئڻ
جي تصديق ڪئي وئي آهي.
نئون ديرو ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾
هڪ عورت زخمي ٿي پئي جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو..
نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ واحد بخش آگاڻيءَ ۾ گهر جو لوڙهو سورڻ تان
آگاڻي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ عورت ساجده آگاڻي
گولي لڳڻ ڪري زخمي ٿي پئي جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو..
ان موقعي تي زخمي عورت جي پيءُ منٺار آگاڻيءَ احتجاج ڪندي دانهيو ته
گهر جو لوڙهو سورڻ جي ڳالهه تي جوابدار عجيب،مٺل،زاهد،علي حسن آگاڻي ۽ ٻين اسان جي
گهر تي حملو ڪري منهنجي ڌيءَ ساجده زخمي ڪيو ويو آهي..
احتجاج ڪندڙ وس وارن کان نوٽيس وٺي انصاف ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آهي..
هوڏانهن نئون ديرو اسپتال ۾ زخمي عورت کي طبي امداد ڏيڻ بعد چانڊڪا
اسپتال لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو آهي.
غوثپور ويجھو بجلي جي سارٽ سرڪٽ سبب ڪريانه جي
دوڪان کي باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ لکين روپين جو سامان سڙي ويو...
غوثپور ويجهو گڊو پل آر ڊي 219 اسٽاپ تي اوچتو بجلي مان شارٽ
سرڪٽ سبب بختاور ميراڻي جي ڪريانه جي دڪان کي باه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ دوڪان
اندر پيل لکين روپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو..
متاثر دوڪاندار حڪومت کان نوٽيس وٺي مالي مدد ڪرڻ جي اپيل
ڪئي آهي..
غوثپور ويجھو لنڪ روڊ تي موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب نوجوان
زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو...
غوثپور ويجھو تنگواني لنڪ روڊ تي ڳوٺ محمد حيات باجڪاڻي ڀرسان
تيز رفتار موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ نوجوان نوردين چولياڻي سخت زخمي ٿي پيو
اطلاع تي ڳوٺاڻن پهچي نوجوان کي اسپتال منتقل ڪرايو...
ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان گهر جو سامان وٺڻ لاءِ وڃي رهيو هو
ته رستي ۾ حادثي جو شڪار ٿي ويو..
ميرپور ماٿيلو ۾ محرم الحرام شروع ٿيندي ئي هر هنڌ
سبيلون لڳي ويون، مجلسون پربا،نياز لننگر به ورهائڻ جو سلسلو به شروع ٿي ويو..
محرم الحرام شروع ٿيندي ئي ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ ميرپور ماٿيلو،
جروار،دادلغاري،حيات پتافي،يارو لنڊ،اسلام لاشاري،ونگو شريف ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ يا
حسين جو صدائون بلند آهن،محرم الحرام شروع
ٿيندي ئي هر هنڌ سبيلون لڳي ويون آهن، جڏهن اڄ 3 محرم الحرام تي مجلسون منعقد ڪيون
پيون وڃن،
ٻي پاسي نياز لننگر به ورهائڻ جو پُڻ سلسلو جاري آهي، ان حوالي
سان سيڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويا،جڏهن ته پوليس پاران گاڏين جي چيڪنگ جو سلسلو
جاري آهي..
Comments
Post a Comment