غوثپور جي ڪچي ۾ جاگيراڻي برادري جي ماڻهن ۾ هٿيار اڀا ٿي
تفصيل معلوم ڪنداسين غوثپور ۾ موجود 91 جي رپورٽر نارائڻ
ناز کان
ڪچي جي دراني
مھر ٿاڻي جي لائقي ڳوٺ عظيم چاچڙ ڀرسان جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻي خوني تڪرار تان جھيڙو ڀڙڪي اٿيو۔ ھڪ
ڌر طرفان ٻي ڌر جي ٻيڙي مٿان سڌي فائيرنگ ۾ٻيڙي ڪلٽي ٿي پيئي۔ ٻنھي ڌرين جي ھٿياربندن
طرفان ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن سان فائيرنگ ۾ ٻنھي ڌرين جا ٻھ ماڻھو نوردين ۽ سرفراز
جاگيراڻي مارجي ويا۔ ٽن عورتن سميت ڪيترائي زخمي۔۔ نارائڻ ناز
گهوٽڪي ۾ روڊ حادثو هڪ ڄڻو موقعي تي ئي فوت ٿي
ويو ، هڪ ڄڻو زخمي ھڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال روانو
گهوٽڪي ڀرسان ڪاري گهٽ وٽ قومي شاهراه تي ڪار جو موٽر سائيڪل
کي زوردار ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو اقبال احمد لنڊ موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن
ته هڪ ڄڻو محمد سليمان لنڊ سخت زخمي ٿي پيو
،فوتي جو لاش ۽ زخمي کي شهرين تعلقه اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو
.جتان زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کيس سکر ريفر ڪيو ويو
آهي
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو اورٽيڪنگ سبب پيش آيو آهي پوليس ڪار
ڊرائور کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي
صادق آباد ويجهو آئل ٽينڪر ۽ڪار وچ ۾ ٽڪر، هڪ عورت
سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن،
حادثي ۾ ڪار مڪمل طور
تباهه ٿي وئي، فوتين جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، واقعو صادق آباد ويجهو آئل ٽينڪر ۽ ڪار وچ
۾ ٽڪر سبب پيش آيو،
هڪ عورت سوڌو 4 ڄڻا
فوت ٿي ويا،
واقعي واري هنڌ وڏي انگ ۾ آسپاس جا رهواسي ۽ امدادي رضاڪار پهچي
ويا، لاش کڻائي اسپتال پهچايا ويا.
قادرپور ۾مبينه طور پوليس هٿان کنڀجي گم ويل ڏاڏي
پوٽي جو پتو نه پيو وارثن جو احتجاج اڄ به جاري
ڳوٺ در محمد چاچڙ واسي 70 ورهين جي پيرسن نور محمد چاچڙ ۽ سندس
پوٽو عرض محمد کي پوليس ناحق کنڀي ٽن ڏينھن کان گم ڪري ڇڏيو آھي جڏهن عدالت ۾ پيشي
تان واپسي بعد ٻنهي ڄڻن کي پوليس گم ڪري ڇڏيو،آھي
وارثن خير محمد چاچڙ
ننڊن ٻارن سان گڏجي پريس ڪلب قادرپور پهچي احتجاج ڪندي چيو ته پوليس بغير ڪنهن ڪيس
جي والد ۽ پٽ کي گم ڪيو آهي، حياتي کي خطرو آهي
هنن ايس ايس پي گهوٽڪي سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو نوٽيس وٺي کنڀي گم ڪيلن ٻن ڄڻن کي آزاد ڪيو وڃي
ٻئي پاسي گهوٽڪي پوليس ٻڌايو ته نوجوان اغوا ناهن ٿيا، سندن برادري سان تڪرار هلندڙ آهي، مامرو
ڊرامو لڳي رهيو آهي.
ڪراچي ۾ گهر کي باه ساه ٻوساٽجڻ سبب هڪ ئي خاندان
جي ٻن عورتن ۽ هڪ ٻارڙي سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا
هي واقعو ڪراچي جي سول لائين جي ڪچي آبادي جي هجرت ڪالوني ۾
پيش آيو آهي 4 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن
پوليس مطابق ته اڄ صبح جو گهٽي نمبر 4 جي هڪ دڪان ۾ باه لڳي
وئي جيڪا باه انجهائڻ واري عملي جي پهچڻ کان پهرين ئي ڦهلجي وئي ۽ گهرن کي پنهنجي
لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو
پوليس مطابق ته باه لڳڻ جي نتيجي ۾ دم گهٽجڻ ۽ سڙڻ جي نتيجي
بي هوش ۽ زخمي ٿيل ٻن عورتن ۽ هڪ ٻارڙي کي اسپتال پهچايو جتي هنن علاج دوران دم
ڏيئي ڇڏيو
فوت ٿيندڙن جي سڃاڻپ عشرت بي بي ۽ وسيله بي بي ۽ ٻاڙري جي
سڃاڻپ عائشه بي بي جي نالن سان ٿي آهي
امدادي ڪمن دوران باه لڳل عمارت مان شهريار نالي هڪ نوجوان
جو لاش پڻ ڪڍيو ويو آهي
باه لڳڻ واري واقعي ۾ فوت ٿيندڙ چئني ڄڻن جو تعلق هڪ ئي
خاندان سان آهي جيڪي پهرين منزل تي رهائش پذير آهي
پنو عاقل جي ڪچي ۾ ٻڏي ويل نوجوان عبدالرحمان
چاچڙ جو لاش هٿ اچي ويو
گذريل ڏينهن پنوعاقل جي ڪچي واري علائقي سڌوجا پوليس ٿاڻي
جي حد واري دڙو جو رهواسي 25 سالن جو نوجوان عبدالرحمان پٽ علي بخش چاچڙ ٻڏي ويو
هو جنهن جو لاش اڄ ملي ويو آهي
Comments
Post a Comment