بلوچستان حڪومت محرالحرام ۾ ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ ايس او پيز تشڪيل ڏيئي ڇڏيو.
بلوچستان حڪومت محرالحرام ۾ ڪورونا وائرس جي روڪٿام
لاءِ ايس او پيز تشڪيل ڏيئي ڇڏيو.
ڪوئٽا ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي بلوچستان حڪومت جي ترجمان لياقت
شاهواڻي ٻڌايو آهي ته محرم جي حوالي سان سيڪيورٽي جون فول پروف تياريون ڪيو ويون آهن
۽ ايس او پيز تحت حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري رهي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪيسن جي صورتحال ڏسي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته
ڪورونا هاڻ به موجود آهي، ان ڪري مجلسن ۾ ماسڪ پائڻ ضروري آهي.
ترجمان جو چوڻ آهي ته محرالحرام دوران ايس او پيز جو خاص خيال
رکيو وڃي، مجلسن، جلوسن ۾ ٻارن ۽ ٻڍن جي اچڻ جي حاصلا شڪني ڪئي وڃي.
حيدرآباد ۾ايس ٽي پي جي آل پارٽيز ڪانفرنس ، سيو سنڌ
ڪميٽي جوڙڻ تي اتفاق، 8 ٺهراءَ منظور ڪيا ويا،
سنڌ جي ورهاڱي وارين سازشن ۽ ڪراچي ڪميٽي خلاف ايس ٽي پي جي
ميزباني ۾ اي پي سي ٿي، حيدرآباد ۾ جاري اي پي سي ۾ ايس يو پي، نواز ليگ، جي يو آءِ
۽ عوامي تحريڪ سوڌو ٻين جماعتن جا نمائندا شريڪ ٿيا،
اي پي سي بابت جاري
پڌرائي ۾ چيو ويو ته اي پي سي ۾ 8 ٺهراءُ منظور ڪيا ويا، ٺهرائن موجب سياسي ڳٺ جوڙ
تي ٺهيل ڪراچي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي کي فوري طور ختم ڪيو وڃي،
مطالبو ڪيو ويو ته وڏي وزير کي بااختيار چيف ايگزيڪيٽو تسليم
ڪري سمورا معاملا سنڌ حڪومت جي دائري هيٺ آندا وڃن،
اي پي سي بعد ڊاڪٽر
قادر مگسي بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ جي ورهاست سان پاڪستان ورهائجي ويندو،
ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته پيپلز پارٽي ڪميٽي
ذريعي ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جو موقعو مهيا ڪيو آهي، آخري دم تائين اهڙي سازش کي
ناڪام بڻايو ويندو، پيپلز پارٽي عوام جي نمائندن جماعتن سان صلاح مشورن کانسواءِ سنڌ
جي قسمت جو فيصلو نٿي ڪري سگهي.
ايس يو پي سربراهه جلال
محمود شاهه ڪراچي ڪميٽي کي غيرآئيني قرار ڏيندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي منافقت واري
پاليسي ختم ڪري،
پ پ حڪومت هڪ پاسي ڪميٽي
ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ته ٻئي پاسي مظاهرا ڪيا ويا، جڏهن ڪميٽي جوڙڻ لاءِ ڳالهيون ٿي رهيون
هيون ته پيپلز پارٽي انڪار ڇو نه ڪيو؟
ڪراچي ڪميٽي کي سنڌ
جي ٻيٽن سوڌو ٻين وسيلن تي قبضن جي سازش قرار ڏنو ويو.
پنو عاقل ۾ هڪ ئي ڪٽنب جي 11 ڀاتين کي ڪُهي قتل ڪرڻ
واري معاملي ۾ پوليس جي سنگين لاپرواهي منظرعام تي اچي وئي، جاچ ۾ جنوني جوابدار وهاب
الله انڍڙ ۽ سندس پُٽن طرفان گهرڀاتين کي 8 ڏينهن تائين يرغمال بڻائڻ جو انڪشاف پڻ
ٿيو آهي،
جوابدار وهاب الله جي ڀاءُ ميان اسد انڍڙ پوليس آڏو بيان رڪارڊ
ڪرائيندي انڪشاف ڪيو آهي ته پوليس 3 ڀيرا ڪارروائي ڪئي پر يرغمالين کي آزاد نه ڪرائي
سگهي، واقعي واري رات به پوليس چڙهائي ڪئي، پر جوابدارن پٿراءُ بعد اهلڪار واپس موٽي
ويا،
ڊي آءِ جي فدا حسين مستوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتراف ڪيو
ته پنو عاقل پوليس گهرو مسئلو سمجهي معاملي کي سنجيده نه ورتو، جاچ ۾ جيڪو به آفيسر
يا عملدار ذميوار نڪتو، اُن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
ٻي پاسي
پنوعاقل دردناڪ واقعي ۾ شهيد ٿيل يارهن گهر ڀاتين جي وارثن سان
درگاھ هاليجي ۾ تعزيت جو سلسلو جاري آهي.
صوبائي وزير ڄام اڪرام
الله ڌاريجو درگاهه هاليجي پهچي درگاهه جي گادي نشين مولانا عبد الصمد هاليجوي سان
قتل ٿي ويل 11 گهر ڀاتين جي تعزيت ڪئي
صوبائي وزير ڄام اڪرام ﷲ ڌاريجو ان موقعي تي چيو ته هي
واقعو فقط پنوعاقل وارن لاءِ نه بلڪ سموري
سنڌ لاءِ دردناڪ سانحو آهي
ڄام اڪرام الله ڌاريجو مولانا عبد الصمد هاليجوي کي قاتلن کي
ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جي يقين ڏياريو ۽ وڌيڪ چيو ته هن هانء ڏاريندڙ واقعي تي سنڌ
سرڪار سميت ساري سنڌ ڏکاري آهي
پيپلز پارٽي پنوعاقل جو صدر میان عبدالقوی انڍڙ ،غلام ياسين انڍڙ، محمد
ياسين انڍڙ،حافظ عزیزاللہ ڀٽو ،ڪامريڊ رشيد ڪورائي ء ٻيا ساڻس گڏ ھئا
هوڏانهن ايم اين اي ڊاڪٽر شازيہ اسلم سومروپڻ ھاليجي پهچي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو
جيڪب آباد ڀرسان مبينا ڪارروائي ۾ بلوچستان واسي
3 عورتون گرفتار،
پوليس عورتن وٽان 36 ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته
گرفتار جوابدار گُل سما، ريحانه پٺاڻ ۽ مسمات زبيده گاڏي ۾ چرس رکي اسمگل ڪري رهيون
هيون، ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪري ورتو،
صدر ٿاڻي تي جوابدار
عورتن خلاف چرس هٿ اچڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو.
ڀان سيد آباد ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو، باندي بڻايل 7
ڄڻا آزاد، پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو،
فرسٽ سول جج سيوهڻ محمد
فاروق عباسي ڇاپو هڻي محرم ٻگهيو، صفر ماڇي ۽ ٻيا آزاد ڪرايا ويا،
ايس ايڇ او کي 24 آگسٽ
تي رڪارڊ سميت عدالت طرفان طلب ڪيو ويو آهي،
آزاد ڪرايل ڪورٽ ۾پيش
ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
ريتي لڳ دانڌو
۽ چانڊيا برادري وچ ۾ جهيڙو 5 زخمي اسپتال منتقل
ريتي ٿاڻي جي حد ڳوٺ زنگي چانڊيو ۾دانڌو ۽چانڊيا برادري ۾
جهيڙو ٿي پيو جهيڙي دوران لٺين ۽ ڪهاڙين جو آزاداڻه نموني استعمال ڪيو ويو
جنهن جي نتيجي ۾ نياز چانڊيو، رياض چانڊيو، اياز چانڊيو سميت 5
ڄڻا زخمي ٿي پيا
زخمين کي ڏهرڪي جي سرڪاري اسپتال پهچايو ويو جڏهن ته ريتي ٿاڻي
تي ٻنهي ڌرين هڪٻئي مٿان اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي.
گهوٽڪي پوليس هٿان هاف فراءِ ٿيل ڳوٺاڻي صادق گهوٽو
جي حالت خراب، سکر اسپتال منتقل،
ڳوٺاڻي جي وارثن چيو
آهي ته پوليس مخالفن جي ونگار وهندي نوجوان کي گوليون هڻي هاف فراءِ ڪيو، هيل تائين
نوجوان خلاف ڪيس به ظاهر ناهي ٿيو،
پوليس جي گولي جو شڪار ڳوٺاڻي جي وارثن طرفان واقعي جي شفاف
جاچ ڪرائي ذميوار اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
قادرپور ۾جنگلي جيوت سکھر جي ٽيم پاران ڪاروائي دوڪانن تي وڪرو لاءِ رکيل
200 پکي هٿ
قادرپور:روڊ تي قائم دوڪانن تي جنگلي جيوت سکھر جي ٽيم ڪاروائي ڪئي
:ڪاروائي
دوران جنگلي جيوت سکھر جي ٽيم پاران دوڪانن
تي وڪرو لاء رکيل مختلف قسمن جا پکي ھٿ ڪيا
:پکين م
ناياب قسم جا طوطا ٻٽيرا ء ٻين قسمن جي پکين سميت 200پکي شامل آهن
:ڪاروائي
دوران دوڪاندار فرار ٿي ويا
گهوٽڪي ۾ ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو هڪ
ڄڻو زخت زخمي
گهوٽڪي جي ڇتو ميراڻي جي ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾جهيڙو
ٿي پيو جنهن جي نتجي ۾ سريو لڳڻ سبب نوجوان منٺار ميراڻي کي ي زخمي ٿي پيوجنهن کي گهوٽڪي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
زخمي ٿيل نوجوان منٺار ميراڻي اسپتال ۾ صحافين کي ٻڌايو ته ڪامران .صابر اعظم .۽ نديم بلاجواز مون کي تشدد جو نشانو
بڻايو آهي هن وس وارن کان نوٽس وٺي انصاف جو مطالبو ڪيو آهي .
لاڙڪاڻي ۾ ليڊي پوليس آفيسر پنهنجي مڙس کي گهران ڪڍي
ڇڏيو،شبانه ناز جو چوڻ آهي ته مڙس ڪمائيندو
ناهي، ڊرامو پيو ڪري:
جڏنهن ته متاثر مڙس ڪامران ابڙو جو چوڻ آهي ته
پسند جي شادي ڪئي ته پي گهران ڪڍي ڇڏيو، گهرواري پوليس اهلڪار مان اي ايس آءِ ٿي
ته هن به گهران ڪڍي ڇڏيو آهي انصاف ڪيو وڃي
لاڙڪاڻو ۾ ليڊي پوليس آفيسر خلاف سندس مڙس ڪامران ابڙو احتجاج
ڪندي چيو آهي ته اي ايس آءِ ٿيڻ بعد زال جو ٻئي سان واسطو رکيو ۽ چوي ٿي ته کيس آزادي
گهرجي، ۽ اولاد کي به منهنجو چوڻ وٺڻ کان روڪي ڇڏيو اٿس
هن چيو ته هو زال کي شرعي پردي ۽ دين جون ڳالهيون ڪندو هئس ان ڪري گهر مان ڪڍيو ويو آهي، کيس 2 ٻارن جو اولاد پڻ آهي
هن وڌيڪ چيو آهي ته ٻنهي ڄنن 2001 ۾ پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن بعد زال کي 2008 ۾ پوليس
۾ سپاهي طور نوڪري ملي ۽ ڪجهه مهينا اڳ کيس اي ايس آئي طور پروموشن ڏنو ويو آهي.
هن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي عرفان بلوچ ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي مسعود
احمد بنگش مطالبو ڪيو ته آهي ساڻس انصاف ڪيو وڃي،
هوڏانهن الزام هيٺ آيل اي ايس آءِ شبانه ناز چيو آهي ته مڙس
ڪمائي نٿو، ڪم ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ته احتجاج ڪري سندس خلاف ڊرامو ڪري رهيو آهي
ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن جي مختلف علائقن
۾ اڄ به تيز برسات جا امڪان،
موسميات کاتي 25 آگسٽ تائين وقفي وقفي
سان برسات جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ تيز هوا ۽ گجگوڙ
سان برسات پئجي سگهي ٿي، 100 ملي ميٽر تائين برسات کانپوءِ شهري ٻوڏ جو خدشو،
گذريل ڏينهن ڪجهه ڪلاڪن جي برسات سنڌ
جِي راڄڌاني ڪراچي کي ٻيهر ٻوڙَي ڇڏيو،
شهر ۾ ڪجهه ڪلاڪن جي برسات کانپوءِ
مختلف علائقن ۾ نالا اُٿلي پيا، گندي پاڻي ۾ ڪچري سان گڏ ڪيتريون ئي گاڏيون به لُڙهي
ويون،
حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ ٻئي ڏينهن
به برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن،
ڪراچي ۾ برسات دوران ڪي اليڪٽرڪ جا
200 فيڊر ٽرپ ويا، شهر جي اڌ کان وڌيڪ علائقن کي بجلي جي فراهمي معطل ڪئي وئي آهي،
ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان چيو آهي ته ٽرپ
ٿيل فيڊرز جي مرمت جاري آهي، فالٽ ختم ٿيندي ئي لاڳاپيل علائقن جي بجلي بحال ڪئي پئي
وڃي،
حيدرآباد، نوشهروفيروز، دادو ۽ مٺي ضلعي جي ڪيترن ئي علائقن
۾ به بجلي جي فراهمي بحال نه ٿي سگهي آهي
Comments
Post a Comment