جيڪو به ڪيس کڻون ٿا، خبر پوي ٿي ته ادارا ڪم ئي نه ڪري رهيا آهن
جيڪو به ڪيس کڻون ٿا، خبر پوي ٿي ته ادارا ڪم ئي نه ڪري رهيا
آهن، ديانتداري سان ٻڌائي رهيو آهيان ته طاقتور لاءِ ڪو قانون ئي نظر نٿو اچي، اسلام
آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جا ماحولياتي گدلاڻ بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران
ريمارڪس،
ماحولياتي تبديلي بابت وزيراعظم جو خصوصي معاون ملڪ امين پيش
ٿيو،
عدالت وزيراعظم جي خصوصي معاون سان مخاطب
ٿيندي چيو ته سڄو نيشنل پارڪ تباهه ٿي ويو پر قانون حرڪت ۾ نه آيو، توهان تي ڇڏيون
ٿا، عدالت کي ٻڌايو ته قانون تي ڪيترو عمل ٿي سگهيو آهي؟
هيل تائين ازالو نه ٿيڻ جوڳو نقصان ٿيو آهي، ايندڙ نسلن جي مستقبل سان کيڏيو پيو
وڃي،
عدالت ٽن هفتن ۾ رپورٽ طلب ڪندي چيو آهي
ته ٻڌايو ماحولياتي تحفظ بابت قائم اداري کي ڪيئن بااختيار ۽ آزاد بڻائي سگهجي ٿو؟.
پيمرا چيئرمين چيو آهي ته ڪيبل آپريٽرز عوام کي معياري تفريح
مهيا ڪن، ضابطن جي ڀڃڪڙي تي نه رڳو لائسنس رد ڪيو ويندو، پر ذميوارن خلاف ڪيس به داخل
ڪيا ويندا
سکر پهتل پيمرا چيئرمين سليم بيگ جي ڪيبل
آپريٽرز سان ملاقات ٿي گذري،
ڪيبل آپريٽرز پيمرا چيئرمين کي پنهنجي
مسئلن بابت آگاهي ڏئي ڇڏي، پيمرا چيئرمين چيو آهي ته ڪيبل آپريٽرز عوام کي معياري تفريح
مهيا ڪن، ضابطن جي ڀڃڪڙي تي نه رڳو لائسنس رد ڪيو ويندو، پر ذميوارن خلاف ڪيس به داخل
ڪيا ويندا ڪيبل آپريٽرز اهڙا چئنلز ڏيکارين، جيڪي پاڪستان جي معاشرتي، مذهبي، سماجي
۽ اخلاقي قدر جي عڪاسي ڪن،
سنڌ جي ورهاڱي وارين سازشن ۽ ڪراچي ڪميٽي خلاف ايس ٽي پي جي
ميزباني ۾ اي پي سي شروع،
حيدرآباد ۾ ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ايس يو پي، نواز ليگ، جي يو آءِ ۽ عوامي
تحريڪ سوڌو ٻين جماعتن جا نمائندا شريڪ ٿي رهيا آهن،
ڊاڪٽر قادر مگسي اي پي سي طلب ڪندي ڪراچي بابت وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي گڏيل ڪميٽي
خلاف سموري صوبي ۾ تحريڪ هلائڻ جو چتاءُ ڏنو هو.
صحت جي عالمي اداري ڪورونا وائرس 2 سال جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪري
ڇڏي آهي.
ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ڊي جي ٽيڊروس
پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 1918ع ۾ آيل هسپانوي فلو جي وبا کي ختم ٿيڻ ۾ 2 سال لڳا
هئا، امڪان آهي ته ڪورونا وائرس کي به مڪمل طور ختم ٿيڻ ۾ 2 سال لڳي وڃن.
ٽيڊروس جو چوڻ هو ته ڪجهه ملڪن ۾ ڪورونا
منتقلي جي شرح ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي پر ان جو هر گز اهو مطلب ناهي ته اسان ڪورونا
وائرس کي شڪست ڏئي سوڀ حاصل ڪري ورتي آهي.
صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس عوام کي اپيل ڪئي آهي عالمي وبا کي
شڪست ڏيڻ لاءِ هر ماڻهو کي گهرجي ته هو لاڳاپيل ادارن سان سهڪار ڪري.
اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني خلاف ٽڊاپ اسڪينڊل ۾ شريڪ جوابدار
طور نامزد محمد هارون کي پنهنجي ئي زال طرفان پريمي سان گڏجي قتل ڪرڻ جو انڪشاف،
صنم هارون مڙس کي قتل ڪرڻ بعد باهه
ڏئي ساڙڻ واري ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو، پوليس محمد هارون جي بازيابي لاءِ داخل درخواست
تي ٻڌڻي دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ پيش ڪري ڇڏي،
پوليس چيو ڪيو آهي ته محمد هارون گم نه
ٿيو آهي، کيس پنهنجي زال پريمي سان گڏجي قتل ڪيو،
جوابدار صنم هارون ڏوهه لڪائڻ لاءِ مڙس
جي گمشدگي واري درخواست سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي هئي،
عدالت جوابدار صنم هارون کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پوليس چيو آهي ته محمد هارون
ٽڊاپ اسڪينڊل ۾ 7 ارب رُپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ ضمانت به حاصل ڪئي هئي...
سنڌ ۾ عورتن جي قتل تي ٻنجو نه آيو مختلف علائن ۾
ٽي عورتون قتل هڪ عورت زخمي .خيرپور ۾ ٽن بارن جي ماء مبينا طور قتل. ڏهرڪي ۾ گهرو
اڻبڻت تان مڙس زال کي تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو تنگواڻي ۾ پڻ ڪارنهن الزام هيٺ عورت قتل ڪنڊيارو ۾ ڪورٽ ويندڙ
عورت زخمي
خيرپور ويجهو ٽن ٻارڙن جي ماءُ مبينا طور قتل ٿي وئي،
ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي ڪچي
واري علائقي مان مسمات سومري زال حاڪم جعفري جو ڳلو ڪپيل لاش مليو، عورت جي وارثن جو
چوڻ آهي ته مسمات سومري جنات جي اثر سبب پاڻ ڪاتي سان پنهنجو ڳلو ڪپيو آهي، ٻٻرلوءِ
پوليس جو چوڻ آهي ته لڳي ٿو ته عورت کي سازش تحت قتل ڪيو ويو آهي، جاچ ڪري رهيا آهيون.
ڏهرڪي ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس زال کي تشدد ڪري قتل ڪري
ڇڏيو، مقتولا جي وارثن طرفان احتجاج ڪيو ويو،
مقتولا جي وارثن جو چوڻ هو ته نياڻي
کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي
تنگواڻي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ مڙس پنهنجي زال کي
قتل ڪري ڇڏيو، ڳوٺ درگائي ۾ جوابدار مڙس پنهنجي گهر واري گل ناز بگٽي کي گوليون هڻي
قتل ڪري فرار ٿي ويو، پوليس موجب واقعي بابت اطلاع مليو آهي، جلد جوابدار کي گرفتار
ڪيو ويندو.
ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ ڄام نور الله وٽ عدالت ويندڙ عورت بلقيس گهانگهرو
کي ھٿياربندن گوليون هڻي زخمي ڪري وڌو آهي،
عورت جي ڌيءَ ياسمين گهانگهرو ٻڌايو ته 4 هٿيار بند اسان جي
موٽرسائيڪل کي روڪي گوليون هلايون، جنهن جي نتيجي ۾امڙ زخمي ٿي پئي آهي، زخمي عورت
کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب معاملي جي جاچ ڪيون پيا.
گهوٽڪي پوليس هٿان هاف فراءِ ٿيل ڳوٺاڻي صادق گهوٽو
جي حالت خراب، سکر اسپتال منتقل،
ڳوٺاڻي جي وارثن چيو
آهي ته پوليس مخالفن جي ونگار وهندي نوجوان کي گوليون هڻي هاف فراءِ ڪيو، هيل تائين
نوجوان خلاف ڪيس به ظاهر ناهي ٿيو،
پوليس جي گولي جو شڪار ڳوٺاڻي جي وارثن طرفان واقعي جي شفاف
جاچ ڪرائي ذميوار اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
لاڙڪاڻي ۾ ليڊي پوليس آفيسر پنهنجي مڙس کي گهران ڪڍي
ڇڏيو، اي ايس آءِ شبانا ناز چيو آهي ته مڙس ڪمائيندو ناهي، ڊرامو پيو ڪري:
لاڙڪاڻي ۾ ليڊي پوليس
آفيسر پنهنجي مڙس کي گهران ڪڍي ڇڏيو، متاثر طرفان گهرواري خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج،
لاڙڪاڻي ۾ پوليس هيڊ
ڪوارٽر جي رهواسي ڪامران علي ابڙو پنهنجي گهرواري خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي
چيو ته هن جي زال شبانا ناز اي ايس آئي ٿيڻ
بعد کيس گهر مان ڪڍي ڇڏيو آهي،
هن چيو ته هو زال کي شرعي پردي ۽ دين جون ڳالهيون ڪندو هئس ان ڪري گهر مان ڪڍيو ويو آهي، کيس 2 ٻارن جو اولاد پڻ آهي
هن وڌيڪ چيو آهي ته ٻنهي ڄنن 2001 ۾ پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن بعد زال کي 2008 ۾ پوليس
۾ سپاهي طور نوڪري ملي ۽ ڪجهه مهينا اڳ کيس اي ايس آئي طور پروموشن ڏنو ويو آهي.
هن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي عرفان بلوچ ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي مسعود
احمد بنگش مطالبو ڪيو ته آهي ساڻس انصاف ڪيو وڃي،
ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي اي ايس آءِ شبانا ناز چيو ته الزام
هڻندڙ مڙس ڪمائيندو ڪونهي، ڊرامو پيو ڪري.
ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن جي مختلف علائقن ۾ اڄ به
تيز برسات جا امڪان،
موسميات کاتي 25 آگسٽ تائين وقفي وقفي
سان برسات جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ تيز هوا ۽ گجگوڙ
سان برسات پئجي سگهي ٿي، 100 ملي ميٽر تائين برسات کانپوءِ شهري ٻوڏ جو خدشو،
گذريل ڏينهن ڪجهه ڪلاڪن جي برسات سنڌ
جِي راڄڌاني ڪراچي کي ٻيهر ٻوڙَي ڇڏيو،
شهر ۾ ڪجهه ڪلاڪن جي برسات کانپوءِ
مختلف علائقن ۾ نالا اُٿلي پيا، گندي پاڻي ۾ ڪچري سان گڏ ڪيتريون ئي گاڏيون به لُڙهي
ويون،
حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ ٻئي ڏينهن
به برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن،
ڪراچي ۾ برسات دوران ڪي اليڪٽرڪ جا
200 فيڊر ٽرپ ويا، شهر جي اڌ کان وڌيڪ علائقن کي بجلي جي فراهمي معطل ڪئي وئي آهي،
ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان چيو آهي ته ٽرپ
ٿيل فيڊرز جي مرمت جاري آهي، فالٽ ختم ٿيندي ئي لاڳاپيل علائقن جي بجلي بحال ڪئي پئي
وڃي،
حيدرآباد، نوشهروفيروز، دادو ۽ مٺي ضلعي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ به بجلي جي فراهمي
بحال نه ٿي سگهي آهي
Comments
Post a Comment