نواز ليگ سڀاڻي آچر ڏينهن ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) ۾ شرڪت جي لاء وفد جو اعلان ڪري ڇڏيو

 

نواز ليگ سڀاڻي آچر ڏينهن ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) ۾ شرڪت جي لاء وفد جو اعلان ڪري ڇڏيو

11 رڪني وفد جي قيادت پاڪستان مسلم ليگ نون جو صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ڪندو جڏنهن ته مريم نواز به وفد جو حصو هوندي

اي پي سي ۾ شرڪت ڪندڙ وفد ۾ اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، خواجه آصف، احسن اقبال ۽ اياز صادق به شامل آهن

ان کان علاوه وفد ۾ پرويز رشيد، سعد رفيق، راڻا ثناء الله ، امير مقام ۽ مريم اورنگزيب به شآمل هوندا ..

هوڏانهن وزيراعظم جي خاص معاون شهباز گل جو چوڻ آهي ته اگر فرار ٿيل مجرم نواز شريف سڀاڻي ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ خطاب ڪيو ۽ اهو خطاب نشر ٿيو ته حڪومت پيمرا ۽ ٻيا آپشنز استعمال ڪندي

قطر ۽ ترڪي ۾ غيرقانوني طور رهندڙ پاڪستاني شهرين کي ملڪ بدر ڪيو ويو آهي

اميگريشن اختيارين جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان 8 ڄڻن جو رڪارڊ کين ملي ويو آهي جڏنهن ته 38 ڄڻن جو اڃان ڪو رڪارڊ موصول ناهي ٿيو

ايف آء اي پاران 38 پاڪستانين کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏنهن ته 8 ڄڻن کي پنهنجي پنهنجي گهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي آهي

ان کان اڳ ترڪي غيرقانوني طور رهندڙ 30 پاڪستانين کي ملڪ بدر ڪري چڪو آهي جيڪي پرواز ٽي ڪي 710 ذريعي استنبول کان اسلام آباد پهتا هئا

سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڇهين کان اٺين ڪلاسن جو تدريسي عمل 28 سيپٽمبر کان شروع ٿيندو سنڌ حڪومت پاران نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق ته سنڌ جي سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن ۾ ڇهين کان اٺين ڪلاسن جو تدريسي عمل 28 سيپٽمبر کان شروع ٿيندو

.تعليم واري وزير جي منظوري کان پوءِ سنڌ جي تعليم کاتي طرفان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي

.واضح رهي ته سنڌ حڪومت ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ سبب ڇهين کان اٺين ڪلاس تائين تدريسي عمل 21 سيپٽمبر تي بحال ڪرڻ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو هو.

هوڏانهن ، تعليم وارو صوبائي وزير سعيد غني حيدرآباد پهچي ڊگري ڪاليج قاسم آباد جو دورو ڪيو

تعليم واري صوبائي وزير گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج جو دورو ڪري تدريسي عمل جو جائزو ورتو،

 استادن ۽ اسٽاف طرفان ماسڪ نه پائڻ تي صوبائي وزير پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کين ايس او پيز تي عمل جي هدايت ڪئي

 

هوڏانهن وري تعليم کاتي پنجاب گوجرانوالا ۾ سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن ۾ ڪورونا جا 24 ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ اسڪولن کي ٻئي حڪم اچڻ تائين بند ڪيو ويو آهي.

 پنجاب جي تعليم کاتي موجب سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ 164 شاگردن ۽ شاگردياڻين  جي ڪورونا ٽيسٽ جي لاءِ سيمپل ورتا ويا هئا جن مان 24 ٻارن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.

جن ٻارن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي اهي انهن ۾ گورنمنٽ پبلڪ اسڪول وزير آباد جا 5،

گورنمنٽ هاءِ اسڪول سوهرده جا 5،

گورنمنٽ گرلز هاءِ اسڪول سوبدره جو شاگرد ۽ هڪ ٻئي خانگي اسڪول جي 12 ٻارن  ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.

ان حوالي  سان پنجاب جي تعليم کاتي جو چوڻ آهي ته جن اسڪول ۾ ڪيس سامهون آيا آهن اتي ڊس انفيڪشن ڪيو ويندو.

 ان کان علاوه ايس او پيز وڌيڪ سخت ڪيا ويا آهن

.واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس ۾ نمايان گهٽتائي کان پوءِ 15 سيپٽمبر کان مرحليوار تعليمي ادارا کوليا ويا آهن.

پر اسڪول کولڻ کان پوءِ ڪيترن ئي تعليمي ادارن ۾ ڪورونا ڪيس سامهون آيا ۽ ايس او پيز تي سختي سان عمل نه ٿيڻ سبب ڪيترن ئي اسڪولن کي بند ڪيو ويو آهي.

سنڌ ٽئڪس ڏيندڙ صوبن ۾ پهرين نمبر تي، پنجاب ٻئي، ڪي پي ڪي ٽئين ۽ بلوچستان چوٿين نمبر تي ٽئڪس ڏنو جڏنهن ته سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن ۾ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سڀ کان وڌيڪ 76 لک 15 هزار 252 روپين جو ٽيڪس جمع ڪرايو

اينٽي ڪرپشن پنجاب جي شوگرملز مالڪن جو گهيرو تنگ ڪندي سڄي پنجاب مان 44 شوگر مالڪن کي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آهي

.رپورٽ موجب اينٽي ڪرپشن سڄي پنجاب مان 44 شوگرملز مالڪن کي  رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آهي

. ان بابت  ڊائريڪٽر جنرل اينٽي ڪرپشن پنجاب چيو آهي ته ظلم به  رهي ۽ انصاف به ٿئي اهو ممڪن نه آهي. هاري جو استحصال ڪڏهن به برداشت نه ڪيو ويندو سڄي صوبي مان مل مالڪن جي خلاف وڏي انگ ۾ شڪايتون ملي رهيون آهن

.ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب چيو آهي ته اينٽي ڪرپشن کاتي کي گذريل ٻن هفتن دوران شوگرملز مالڪن جي خلاف 2 هزار 507 شڪايتون مليون هارين کي حڪومت جي طئي ڪيل ريٽ کان گهٽ اگهن جي حوالي سان 1 هزار 363 شڪايتون،

 مل مالڪن طرفان اڃان تائين هارين کي رقم جي ادائيگي نه ٿيڻ جي حوالي سان 641 شڪايتون،

مل مالڪن طرفان ڪيل غيرقانوني ڪٽوتي جي حوالي سان 503 شڪايتون مليون آهن.

ڊائريڪٽر جنرل اينٽي ڪرپشن پنجاب چيو آهي ته اينٽي ڪرپشن کاتو سڄي صوبي ۾ هارين جي سهوليت لاءِ کليل ڪچهرين جو بندوبست ڪري رهيو آهي.

اينٽي ڪرپشن هارين سان سالن کان ٿيندڙ زيادتين جو ازالو ڪندو.

ميرپور ماٿيلو جي قومي شاهراه تي موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل ڪرم لاشاري رحيميار خان نيئندي رستي ۾ ئي دم ڏيئي ڇڏيو

ميرپور ماٿيلو جي باء پاس روڊ تي برف ڪارخاني ڀرسان ڪرم لاشاري موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو هو جنهن کي ميرپور ماٿيلو جي اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد رحيميار خان ريفر ڪيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏيئي ڇڏيو  

مصري شاه ۾ ننڍي ڀاء کي قتل ڪندڙ وڏي ڀاء کي جاچ پوليس گرفتار ڪري ورتو ، واقعي جو سبب ٻنهي جي گهروارين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٻڌايو پيو وڃي

پوليس مطابق ته پاڙي وارن جو ٻن سالن جو معصوم ٻارڙو گهر ۾ اچي گند ڪچرو ڦهلائڻ ته ٻن سڳي ڀائرن جي گهروارين ۾ جهيڙو ٿيو ۽ انهي معمولي ڳالهه تان ٿيل ٻن ڏيرياڻين وچ۾ ٿيندڙ جهيڙي ۾ ڀائر به اچي ويا جنهن تان لياقت علي ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي ننڍي ڀاء قاسم علي تي فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو

پوليس مطابق ته جوابدار لياقت علي واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو جو جنهن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي

ٻڌايو پيو وڃي ته ٻيئي ڀائر مزدوري ڪندا هئا ۽ پنهنجي ڪٽنب سميت هڪ ئي گهر ۾ رهائش پذير هئا

شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان ميرپور ماٿيلو واسي  نينگر جو لاش مليو آهي

، بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو، نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي 6 ورهين جي اياز علي جي نالي سان ٿي آهي.

۽ سامعين ماٿيلو مومل ماڙي جو تعليم دان استاد غلام محمد شيخ لاڏاڻو ڪري ويو سندس جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد کيس نول گوري جي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي آهي ،

استاد غلام محمد شيخ جي لاڏاڻي تي سندس پٽن  غلام مرتظي شيخ، غلام مجتبي شيخ ، غلام شبير شيخ ۽ غلام حسين شيخ ۽ ٻين سان تعزيت جو سلسلو ماٿيلو مومل جي ماڙي ۾ جاري آهي

 

 هاڻي پنهنجو تون ڪڏنهن، نه فرمان ڏسندين

Comments

Popular posts from this blog

ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ضلعي جي پوليس کي سماجي

قادرپور ويجهو سنڌو درياء ۾ پاڻي جي سطح ۾ لاٿ اچڻ بعد درياء

شهري اتحاد سرحد پاران سرحد ۾ روڊ حادثن کان حفاظت جي سلسلي ۾ سيمينار ٿي گذريو،