پ پ ايم پي اي ۽ چيف سرادر ميرعابد خان سندراڻي جو ڀاءَ مير ماجد علي خان سندراڻي دل جو دورو پوڻ سبب 42 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
وڌيڪ مليل معلومات موجب مير ماجد خان سندراڻِي جي طبيعت گذريل
ڪجھ ڏينھن کان ناساز ھئي ۽ ڊاڪٽرن کيس مشورو ڏنو ته وڌيڪ علاج لا۽ ڪراچي ۾ داخل ڪرايو
جنھن بعد اڄ کيس ڪراچي منتقل ڪيو پئي ويو ويو ته سکر ويجھو سندس
طبيعت اوچتو خراب ٿي پيئي سندس ساهه جو سڳو رستي ۾ ٽٽي پيو
پ پ ايم پي اي ۽چيف
سرادر مير عابد خان سندراڻي جي ڀاءَ جي ،اوچتو فوتگيءَ جي خبر غوثپور ۽ ڀرپاسي ۾ پوڻ
شرط، شهرين، سياسي سماجي ۽ برادري جي ماڻهن ۾، ڏک جي لهر ڇائنجي وئي
مير ماجد علي خان سندراڻي جي جنازي نماز سڀاڻي ڏهين وڳي صبح
جو سندس اباڻي ڳوٺ دڙي سندراڻي ۾ ادا ڪئي ويندي.
. مير عابد خان سندراڻي جي ڀاءَ جي فوت ٿيڻ تي ڪنڌڪوٽ شهري اتحاد
پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو.
۔۔
انساني حقن جي وفاقي وزير شيرين مزاري 49 صحافين جي
خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واري خبر جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.
ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ شيرين مزاري چيو آهي ته ايف آءِ اي طرفان
49 صحافين ۽ سوشل ميڊيا ڪارڪنن خلاف ڪيسز داخل ڪرڻ واري خبر درست ناهي، هڪ شهريءَ ايف
آءِ اي کي 12 صحافين خلاف شڪايت موڪلي هئي.
شيرين مزاري وڌيڪ چيو ته ايف آءِ اي انهن سمورين شڪايتن جو جائزو
ورتو آهي پر ايف آءِ آر داخل ناهي ٿي،
ايف آءِ اي بغير ڪنهن
قانوني طريقيڪار جي پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائمز ايڪٽ تحت ايف آءِ آر داخل نٿي ڪري
سگهي.
28سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو
اعلان، سنڌ سرڪار پري پرائمري، پرائمري ۽ مڊل اسڪولز 28 سيپٽمبر کان کولڻ جو اعلان
ڪري ڇڏيو آهي،
تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته تعليمي ادارن لاءِ ايس
او پيز ۾ سختي ڪئي وئي آهي، نجي اسڪولز جي تنظيمن سان سڀاڻي ملاقات ڪري ايس او پيز
تي عمل يقيني بڻائڻ لاءِ زور ڀريو ويندو،
سرڪاري اسڪولز ۽ ڪاليجز ۾ ٽيمن ذريعي ايس او پيز تي عمل ڪرايو
ويندو، ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل ادارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي
ويندي،
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران سعيد غني
چيو ته ٻارن جي سماجي وٿي برقرار رکڻ لاءِ تعليمي ادارن کي اختيار ڏنو آهي ته شفٽن
۾ ڪلاسز هلايا وڃن، اسان اسڪول کولڻ يا ٻارن کي اسڪول موڪلڻ لاءِ ڪوبه زور نه ڀري رهيا
آهيون،
والدين سمجهن ٿا ته موجوده صورتحال ۾ ٻارن کي اسڪول نٿو موڪلي
سگهجي ته اُهي ڀلي پنهنجي ٻارن کي نه موڪلين، تعليمي ادارن ۾ ٻارن جي ٽرانسپورٽ لاءِ
به ايس او پيز تيار ڪري ورتيون آهن، والدين ڪوشش ڪن ته ٻارن کي پاڻ اسڪول ڇڏي اچن
۽ واپس وٺي وڃن.
شڪارپور جي دھشتگردي جي خاتمي واري عدالت ھڪ سال اڳ
نيو فوجداري ٿاڻي جي حد شيخ پاڙي ۾ زال کي باھ ڏئي ساڙي قتل ڪرڻ جي ڪيس ۾ جوابدار کي
عمر قيد ۽ 13 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آھي
. اي ٽي سي جي جج حيدر علي ابڙو جوابدار عبدالصمد شيخ کي گھر
واري مٿان پيٽرول ھاري جيئرو ساڙي قتل ڪرڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي سزا ٻڌائي،
ياد رھي ته سال اڳ شيخ پاڙي ۾ گھرو اڻبڻت تان چئن ٻارن جي ماء
صوبيا شيخ کي پئٽرول ھاري باھ ڏني وئي ھئي، جيڪا زخمن جا سور نه سھندي اسپتال ۾ فوت
ٿي وئي ھئي،
جنھن جو ڪيس مقتول عورت جي ڀائرن پاران نيوفوجداري ٿاڻي تي داخل
ڪرايو ويو ھو،
ڪالهه عدالت پاران سزا
ٻڌائڻ بعد جوابدار کي شڪارپور جي ڊسٽرڪٽ جيل اماڻيو ويو آھي.
ڪراچي ۾ مبينا پوليس مقابلو، هٿياربندن جي فائرنگ
۾سب انسپيڪٽر شهيد، ٿي ويو
تفصيل موجب، ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي ۾مبينا پوليس
مقابلي دوران سب انسپيڪٽر رحيم خان شهيد ٿي ويو،
پوليس جو چوڻ آهي ته
ڪورولا ڪار ۾سوار هٿياربندن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب سب انسپيڪٽر رحيم
خان شهيد ٿي ويو،
پوليس جو چوڻ آهي ته شهيد سب انسپيڪٽر گلستان جوهر ۾ايڊيشنل
ايس ايڇ او مقرر هو.
پوليس موجب شهيد اهلڪار جي قتل ۾ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ
ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
گهوٽڪي جي ماڊل ڪورٽ جي عدالت 4 سالن بعد شبيتا ڪماري
قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو,عورت سميت سمورا جوابدار باعزت بري
گهوٽڪي جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ مقتولا عورت شبيتا ٻائي قتل
ڪيس جي ٻڌڻي ٿي,
جنهن دوران فريادي ۽ جوابدار ڌر جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت
محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو
عدالت شبيتا ڪماري جو قتل ڪيس ثابت نه ٿيڻ تي نريش ڪمار,سنگيتا
ٻائي ۽ ڊاڪٽر پريتم کي باعزت بري ڪري ڇڏيو,
رحيم يار خان ويجهو معصوم نينگري کي اغوا ڪري مبينا
اجتماعي ڏاڍائي، 5 جوابدار گرفتار،
ڏهرڪي مان خبر شامل ڪنداسين ته
رحيم يار خان جي علائقي
شيخ واهڻ ۾انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو پيش آيو، 14 سالن جي معصوم نينگري کي مبينا طور
اغوا ڪري 7 ڄڻن پاران اجتمائي لڄالٽ ڪري نينگري کي بيهوشي واري حالت ۾ رستي تي ڦٽو
ڪيو ويو، متاثر نينگري کي شيخ زيد اسپتال منتقل ڪيو ويو،
ميڊيا رپورٽ مطابق ته قادر آباد مان هاري جي ڌيءُ کي مبينا طور اغوا ڪيو
ويو هو، پوليس موجب نينگري بيهوشي واري حالت ۾ شيخ واهڻ ڀرسان رستي تان هٿ آئي آھي،
آباد پور ٿاڻي جي پوليس
ڪارروائي ڪندي ستن جوابدارن قمر شاهه، اشفاق، اقبال، الله جوايو ۽ بلال سجاد خلاف ڪيس
داخل ڪري ورتو آھي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري 5 جوابدارن کي گرفتار
پڻ ڪيو ويو آھي.
متاثر نينگري جي وارثن
جو چوڻ آهي ته جوابدارن نياڻيءَ سان ظلم ڪيو آهي، کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.
ملڪ جي 49 نامور سينئر صحافين ۽ سوشل ميڊيا جي سرگرم
ڪارڪنن خلاف پيڪا قانون تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ان باري ۾ سينئر صحافي مبشر زيدي
جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ صحافين ۽ سوشل ميڊيا ڪارڪنن خلاف سڀ کان وڏو ڪريڪ ڊائون ڪيو
ويو آهي
. وفاقي
جاچ اداري ايف آءِ اي 49 صحافين ۽ سوشل ميڊيا ڪارڪنن خلاف پيڪا تحت ڪيس داخل ڪيا آهن.
هن چيو ته عمر چيما، اعزاز سيد، مرتضيٰ
سولنگي، عمار مسعود، اسد علي تور، بلال فاروقي سميت ٻين صحافين خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا
آهن.
ان جي جواب ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته هنن کي ڪيس داخل ڪرڻ ڏيو
اسان به منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.
هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان پنهنجي بنيادي حقن تان هٿ نه کڻنداسين،
اسان آئين ۾ ڏنل آزادي لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين.
۽ سماعين
ماٿيلو مومل ماڙي ويجهو ڳوٺ بخارا ٻيرڙي ۾ نادرا
پاران ثناختي ڪارڻ ٺاهڻ لاء اڄ ٻئي ڏينهن به ٽيم پهچي گهر ويٺي ثناختي ڪارڊ ٺاهڻ
وارو عمل جاري رکيو
ٻن ڏينهن
دوران سون جي تعداد ۾ ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن جا ثناختي ڪارڊ جا ٽوڪن ڪاٽيا ويا
ثناختي ڪارڊ ٺهرائڻ وارن ۾ پيرسن ماڻهن ۽ عورتن جي وڏو تعداد شامل
گهوٽڪي ويجهو ماٿيلو مومل جا ماڙي ڀرسان ڳوٺ ٻيرڙي ۾ اڄ ٻئي
ڏينهن به نادرا سکر جي هدايتن تي انچارج قدير احمد ڪلوڙ ۽ الطاف احمد جهتيال وسيم اڪرم
قاضي، ڪنعيا لعل، عبدالله سولنگي، نثار احمد ڪلهوڙو ۽ ٻين تي مشتمل نادرا جي ٽيم
پهچي گهر ويٺي ثناختي ٺاهي ڏيڻ وارو عمل جاري رکيو
ان موقعي تي ٻيرڙي اتحاد
جي وڏيرو محمد عثمان چنا، شاه خالد،عابد ميراڻي ،ذوالفقار لوهر ،سليم ميراڻي، ممتاز
مهر، امجد بخاري،اصغر منگي، امير حمزده چنا، عرفان سومرو جاويد علي ۽ ٻين نادرا
اختيارين جا ٿورا مڃيندي چيو ته اڪثر نادرا آفيسن ۾ ماڻهن جي رش هئڻ ڪري وقت سر
ڪارڊ ٺهڻ کان ماڻهو رهجي وڃن ٿا گهر ويٺي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ تي هو نادرا گهوٽڪي ۽ سکر
جا ٿورائتا آهن
ان موقعي تي پوليس اهلڪارن اڪبر علي مهر م عبدالمجيد چنو ۽
ٻين سيڪيورٽي جا فرائض سرانجام پڻ ڏنا
ڄاڻايل ٽيم ٻيرڙي اتحاد جي اڳواڻڻ جي ڪوششن بعد ڳوٺ پهچي
گهرو سهولت ڏني جنهن ۾ ڳوٺ ٻيرڙي سميت ڀرپاسي جي ماڻهن پڻ فائدو ورتو
Comments
Post a Comment