گهوٽڪي ۾ ميونسپل عملي ۽ وڪيلن ۾ ڇڪتاڻ وارو مامرو ، عدالت 25

 گهوٽڪي ۾ ميونسپل عملي ۽ وڪيلن ۾ ڇڪتاڻ وارو مامرو ، عدالت 25 سيپٽمبر تائين اسٽي جاري ڪري ڇڏيو

گهوٽڪي ميونسپل عملي پاران پراڻي سبزي منڊي ۾ قائم وڪيلن جا چيمبر ڊاهڻ جي  ڪوشش واري معاملي بعد پيدا ٿيل ڇڪتاڻ واري صورتحال کانپوء وڪيلن پاران ميونسپل انتظاميا خلاف داخل ڪرايل 8 پٽيشن بعد اڄ گهوٽڪي جي سينئر سول جج جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي

جنهن ۾ عدالت 25 سيپٽمبر تائين اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آھي

ان حوالي سان اسان رابطو ڪيو آهي

گهوٽڪي جي نالي واري وڪيل لياقت علي ملاڻو سان

لياقت صاحب اهو ٻڌائيندا ته اوهان پاران جيڪي ميونسپل عملي مٿان جيڪي مختلف پٽيشنون داخل ڪرايون ويون آهن انهن ۾ ڪهڙو موقف اختيار ڪيو ويو آهي

ء۽ اهو به واضح ڪندا ته اڄ جيڪو عدالت سڳوري اسٽي جاري ڪيو آهي اهو ڇاتي اسٽي جاري ڪيو ويو آهي ڪهڙي ڳالهه جي عدالت سڳوري روڪ ڪئي آهي

ڇا وڪيل صاحبن کي روڪيو ويو آهي جيڪي اوهان چئو ٿا ته اسانجو چيمبر يا آفيس آهن اهي استعمال ڪرڻ کان

 يا وري ميونسپل عملي يا انتظاميه کي روڪيو ويو آهي ان حوالي سان وڌيڪ قدم نه کڻن

جي ملاڻو صاحب اوهان مٿان به ته ڪيس داخل ڪيو ويو آهي گهوٽڪي ٿاڻي تي جنهن ۾ سي ايم او گهوٽڪي نادر شاه امروٽي پاڻ فريادي ٿيو آهي جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته وڪيلن جي تشدد  ۾ ٻه ملازم به زخمي ٿيا آهن ان باري ۾ اوهان ڇا چوڻ چاهيندا

سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڇهين کان اٺين ڪلاسن جو تدريسي عمل 28 سيپٽمبر کان شروع ٿيندو سنڌ حڪومت پاران نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق ته سنڌ جي سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن ۾ ڇهين کان اٺين ڪلاسن جو تدريسي عمل 28 سيپٽمبر کان شروع ٿيندو

.تعليم واري وزير جي منظوري کان پوءِ سنڌ جي تعليم کاتي طرفان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي

.واضح رهي ته سنڌ حڪومت ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ سبب ڇهين کان اٺين ڪلاس تائين تدريسي عمل 21 سيپٽمبر تي بحال ڪرڻ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو هو.

هوڏانهن ، تعليم وارو صوبائي وزير سعيد غني حيدرآباد پهچي ڊگري ڪاليج قاسم آباد جو دورو ڪيو

تعليم واري صوبائي وزير گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج جو دورو ڪري تدريسي عمل جو جائزو ورتو،

 استادن ۽ اسٽاف طرفان ماسڪ نه پائڻ تي صوبائي وزير پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کين ايس او پيز تي عمل جي هدايت ڪئي

سامعين

اسڪول بند ڪري سنڌ جي تعليم تباه نه ڪريو ساڃاه وند ميدان تي نڪري آيا سڀاڻي گهوٽڪي ۾ احتجاجي ريلي جو سڏ ڏنو ويو

ان حوالي سان ڊاڪٽر صدورو ناز ڪيريو جو چوڻ هو ته هڪ سازش تحت سنڌ جي تعليم تباه ڪري سنڌ جي مستقبل سان کيڏيو پيو وڃي هو اهڙي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا

هن سموري ساڃاه وندن کي ان حوالي سان هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته هو سڀاڻي گهوٽڪي پريس ڪلب اڳيان نڪتل ريلي ۾ شريڪ ٿين ۽ سنڌ جي تعليم بچائڻ ۾ سندن ساٿ ڏين .............

نيب ڊي ايف سي خيرپور سوڌو 42 ڄڻن خلاف ڪروڙين رُپين جي مبينا ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪري ورتو،

 سکر جي احتساب عدالت ۾ 5 ڪروڙ 82 لک رُپين جي مبينا ڪرپشن جو ريفرنس پيش، عدالت نيب جو ريفرنس ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتو،

ريفرنس ۾ خوراڪ کاتي جي عملدارن طرفان بارداڻو آبادگارن بدران واپارين ۽ من پسند ماڻهن کي ڏئي ڪروڙين رُپيا ڪمائڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي،

سکر جي احتساب عدالت 13 آڪٽوبر تي نيب جي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪندي.

اوٻاوڙو سواري کڻي ويندڙ گهوٽڪي واسي ٽيڪسي ڊرائيور گم ٿي ويو ، گهر نه پهچڻ  ۽ مسلسل موبائيل فون بند ٿيڻ تي وارثن پوليس کي اطلاع ڪندي اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو آهي

گهوٽڪي جي باء پاس ويجهو ڳوٺ صوبدار خان کهاوڙ جي رهواسي زاهد حسين سنگهڙ پوليس کي اطلاع ڪندي چيو آهي ته سندس ڀاء ظاهر حسين پٽ نياز محمد سنگهڙ جيڪو ٽيڪسي تي گاڏي هلائيندو آهي گذريل ڏينهن ڪجهه ماڻهو هن کي اوٻاوڙو ڇڏڻ لاء وٺي ويا جتان هو واپس ناهي موٽيو

جنهنجي گهر نه موٽڻ ۽ مسلسل موبائيل فون بند هئڻ تي پوليس کي اطلاع ڪيو ويو آهي

ان حوالي سان سنگهڙ برادري جي ماڻهن نياز محمد سنگهڙ،،غلام حسين سنگهڙ ، بهرام سنگهڙ 91 آفيس پهچي احتجاج ڪندي ظاهر حسين سنگهڙ جي بازيابي جي گهر ڪئي آهي

ڏهرڪي ويجھو ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ موبائيل ڪمپني ۾ چوڪيداري ڪندڙ سيد عنايت شاھہ کي مبينہ طور ڇرين جا وار ڪري  قتل ڪيو ويو آھي.

 ان سلسلي ۾ وارثن ڏھرڪي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آھي تہ سيد عنايت شاھہ نئون ڪوٽ ۾ خانگي موبائيل ڪمپني ۾ چوڪيداري ڪندو آھي جنھن کي رات دير سان اڻسڃاتل جوابدارن ڇرين جا وار ڪري سخت زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا ھئا.

واقعي بعد کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيميارخان نيو ويو جتي زخمن جا تاب نہ سھندي فوت ٿي ويو.

  ڏھرڪي پوليس مقتول سيد عنايت شاھہ جو لاش ڏھرڪي جي سرڪاري اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو آھي

جڏھن تہ پوليس موجب ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي

 

 

ميرپور ماٿيلو جي قومي شاهراه تي موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل ڪرم لاشاري رحيميار خان نيئندي رستي ۾ ئي دم ڏيئي ڇڏيو

ميرپور ماٿيلو جي باء پاس روڊ تي برف ڪارخاني ڀرسان ڪرم لاشاري موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو هو جنهن کي ميرپور ماٿيلو جي اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد رحيميار خان ريفر ڪيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏيئي ڇڏيو  

مصري شاه ۾ ننڍي ڀاء کي قتل ڪندڙ وڏي ڀاء کي جاچ پوليس گرفتار ڪري ورتو ، واقعي جو سبب ٻنهي جي گهروارين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٻڌايو پيو وڃي

پوليس مطابق ته پاڙي وارن جو ٻن سالن جو معصوم ٻارڙو گهر ۾ اچي گند ڪچرو ڦهلائڻ ته ٻن سڳي ڀائرن جي گهروارين ۾ جهيڙو ٿيو ۽ انهي معمولي ڳالهه تان ٿيل ٻن ڏيرياڻين وچ۾ ٿيندڙ جهيڙي ۾ ڀائر به اچي ويا جنهن تان لياقت علي ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي ننڍي ڀاء قاسم علي تي فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو

پوليس مطابق ته جوابدار لياقت علي واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو جو جنهن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي

ٻڌايو پيو وڃي ته ٻيئي ڀائر مزدوري ڪندا هئا ۽ پنهنجي ڪٽنب سميت هڪ ئي گهر ۾ رهائش پذير هئا

 

گمبٽ ۾ 16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو،

پوليس جو چوڻ آهي ته حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو آهي، 16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو،

 بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش ڪيا ويا، عورتن ۽ ٻارن کي بيان بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

 

خيرپور ۾ عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج،

خيرپور ڀرسان عورت کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، متاثر عورت وارثن احتجاج ڪندي ٻڌايو ته شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو،

 متاثر ناري چيو ته 5 جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو، ظلم ٿي ويو آهي، انصاف ڪيو وڃي،

جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي آهي مگر ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.

شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان ميرپور ماٿيلو واسي  نينگر جو لاش مليو آهي

، بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو، نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي 6 ورهين جي اياز علي جي نالي سان ٿي آهي.

 

ماٿيلو مومل ماڙي جو تعليم دان استاد غلام محمد شيخ لاڏاڻو ڪري ويو سندس جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد کيس نول گوري جي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو پيو وڃي ،

تاريخي ماڳ ماٿيلو مومل جي ماڙي جو رهواسي رٽائرڊ استاد غلام محمد شيخ 73 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي جنهن جي جنازي نماز هاء اسڪول جي ڀرواري عيد گاه  ۾ ادا ڪئي وئي

جنازي نماز ۾ مرحوم استاد غلام محمد شيخ جي مٽن ما.ئٽن عزيزن دوستن ۽ شهر جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي

جنهن بعد کيس اباڻي قبرستان نول گوري ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو

ٻڌايو پيو وڃي ته استاد غلام محمد شيخ کي ٻه ڀيرا پهرين دل جو دورو پيو هو جنهن کان بعد هن جي طبيعت ناساز رهندي هئي جنهن گذريل ڏينهن دم ڌڻي حوالي ڪيو

مرحوم استاد غلام محمد شيخ سوڳوارن ۾ هڪ بيوه 3 نياڻيون ۽ 4 پٽ ڇڏيا آهن پٽن ۾ غلام مرتظي شيخ، غلام مجتبي شيخ ، غلام شبير شيخ ۽ غلام حسين شيخ شامل آهن

وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي

۽ سامعين

جان محمد سوسائٽي ويجهو ڳوٺ خدا بخش مهر جو رهواسي معزز شخصيت استاد قائم الدين مهر مختصر عرصو بيمار رهڻ بعد سکر جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي

 

 

 

Comments

Popular posts from this blog

ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ضلعي جي پوليس کي سماجي

قادرپور ويجهو سنڌو درياء ۾ پاڻي جي سطح ۾ لاٿ اچڻ بعد درياء

شهري اتحاد سرحد پاران سرحد ۾ روڊ حادثن کان حفاظت جي سلسلي ۾ سيمينار ٿي گذريو،