سبي ڀرسان خوفناڪ حادثي ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو 10 مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا،جڏهن ته 18 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا..
سبي ڀرسان خوفناڪ حادثي ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو 10 مسافر اجل
جو شڪار ٿي ويا،جڏهن ته 18 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا..
جيڪب آباد کان بلوچستان ويندڙ مسافر وئن سان ٽرڪ ٽڪرائجي وئي جنهن
جي نتيجي ۾ 10 مسافر موقعي تي ئي فوت ٿي ويا ۽ 18 کان وڌيڪ زخمي ٿي ويا جن کي
مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي،جڏهن
ته فوتين ۾ 7 مرد، 2 ٻار ۽ هڪ عورت شامل آهن، زخمين ۾ اڪثر مسافرن جي حالت ڳڻتي
جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
بلوچستان ويجھو جھل مگسي ۾ زمين جي تڪرار تان
سئوٽن هٿان سئوٽ قتل ٿي ويو...
بلوچستان جي ضلع جهل مگسي جي ڳوٺ نيازل مگسي ۾ پراڻي زميني تڪرار
تان سئوٽن فائرنگ ڪري پنهنجي 30 سالن جي سئوٽ بگن پٽ محمد صديق مگسي کي قتل ڪري
ڇڏيو.
اطلاع تي ڪوٽ مگسي ليويز ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش
کڻائي سول اسپتال جهل مگسي پهچايو جتان پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو
ويو.
پوليس موجب ته قتل ٿيل نوجوان بگن مگسي جي سئوٽن اميرعلي مگسي، ۽ جانب
علي مگسي جو زميني تڪرار هلندڙ هو جنهن سبب اڳ به ساڳئي جوابدار ڌر مقتولن جا 3
ڄڻا قتل ڪيا آهن..
حيدرآباد ۾ڦر مزاحمت دوران فائرنگ، گولي لڳڻ سبب هڪ ڦورو
مارجي ويو،
هٿياربندن بسم الله سٽي ۾گهر اڳيان بيٺل نوجوان واصل ۽ آذان کان ڦر
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نوجوانن جي مزاحمت تي ساٿي جي فائرنگ ۾هڪ ڦورو مارجي ويو، پوليس
پهچي ڏوهاري جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڦوري جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي.
حيدرآباد جي علائقي نسيم نـَگر جي رهواسڻ مڙس ۽ ڏيرن جي
تشدد کان تنگ ٿي ٿاڻي تي پهچي وئي،
نسيم نگر فيس ٻه جي رهواسڻ صوبيا زال عبدالجبار ٿاڻي تي پهچي دانهيو
آهي ته مڙس ۽ ڏيرن مٿس تشدد ڪيو آهي.
متاثر عورت صوبيا چيو ته گهر تي قبضي لاءِ مڙس ۽ ڏير کيس قتل ڪرڻ
جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
ان موقعي تي ايس ايڇ او نسيم نگر چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ صوبيا خلاف
سندس مڙس چوريءَ جو ڪيس داخل ڪرائڻ آيو هو ۽ هاڻي وري هوءَ مڙس خلاف آئي
آهي،معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
هوڏانهن مڙس خلاف دانهيندڙ عورت صوبيا انصاف لاءِ دانهڻ واري ويڊيو
سوشل ميڊيا تي به رکي ڇڏي آهي.
نئون ديرو ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾
هڪ عورت زخمي ٿي پئي جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو..
نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ واحد بخش آگاڻيءَ ۾ گهر جو لوڙهو سورڻ تان
آگاڻي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ عورت ساجده آگاڻي
گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو..
ان موقعي تي زخمي عورت جي پيءُ منٺار آگاڻيءَ احتجاج ڪندي دانهيو ته
گهر جو لوڙهو سورڻ جي ڳالهه تي جوابدار عجيب،مٺل،زاهد،علي حسن آگاڻي ۽ ٻين اسان جي
گهر تي حملو ڪري منهنجي ڌيءَ ساجده زخمي ڪيو ويو آهي..
احتجاج ڪندڙ وس وارن کان نوٽيس وٺي انصاف ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آهي..
غوثپور ويجھو لنڪ روڊ تي موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب نوجوان
زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو...
غوثپور ويجھو تنگواني لنڪ روڊ تي ڳوٺ محمد حيات باجڪاڻي ڀرسان
تيز رفتار موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ نوجوان نوردين چولياڻي سخت زخمي ٿي پيو
اطلاع تي ڳوٺاڻن پهچي نوجوان کي اسپتال منتقل ڪرايو...
ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان گهر جو سامان وٺڻ لاءِ وڃي رهيو هو
ته رستي ۾ حادثي جو شڪار ٿي ويو..
غوثپور جي ڪچي واري علائقي ۾ ضلعي ڪشمور جي مختلف ٿاڻن جي
پوليس جو روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن فائرنگ جي ڏي وٺ...
غوثپور ويجهو ضلعي ڪشمور
جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جو روپوش جوابدارن جي گرفتاري لا۽ اي پي سي چئنن سان ڳوٺ پنھل
ڀيو تي چڙھائي ڪري سرچ آپريشن ڪيو۔ پوليس کي ڏسي ڏوھارين پوليس مٿان جديد ھٿيارن سان
فائيرنگ ڪئي جنھن بعد پوليس به سندن گھيرو ڪري جوابي فائيرنگ ڪئي ته جوابدار پوليس
مٿان فائيرنگ ڪندا سندن گھيرو ٽوڙي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔
پوليس پاران جوابدارن
جي گرفتاري لاء ڪيل چڙھائي دوران ٻن شڪي ڳوٺاڻن
عبدالغفور ڀيو ۽ عبدالمجيد ڀيو کي گرفتار ڪري ڳوٺاڻن جون 15 کان وڌيڪ مينهون
ڪاهي ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيون۔
ٻئي پاسي متاثر ڳوٺاڻن عبدالشڪور ڀيو ۽ ٻين پوليس چڙھائي خلاف
احتجاج ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو آھي..
۔ٻي پاسي پوليس ذريعن موجب ته روپوش ۽ مخلف ڏوھن ۾ گھربل ماڻھن
جي گرفتاري تائين ڪارواين وارو سلسلو جاري رهندو..
سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سياسي سماجي ڪارڪونن ۽ ڪراچي
تي وفاق جو قبضو نامنظور جي عنوان سان گهوٽڪي ۾ ريلي ڪڍي وئي...
سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سياسي ۽ سماجي ڪارڪن اڃا قيد ڇو ؟ ڪراچي
تي وفاق جو قبضو نامنظور ان حوالي گهوٽڪي
۾ عوامي ورڪر پارٽي ،جيئي سنڌ محاذ ،عوامي جمهوري پارٽي ۽ سنڌ پروگريسو ڪاميٽي جي
اڳواڻن طرفان بادل ملڪ،عبدالستار گهوٽو،ناهيد ملڪ،ڪامريڊ اڪرم ٿهيم،۽ ٻين جي
اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان پپل چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي.
ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سياسي
۽ سماجي ڪارڪن اڃا قيد ڇو رکيل آهن انهن کي جلد آزاد ڪري پنهنجن پيارن حوالي ڪيو وڃي.
هنن چيو ته ڪراچي سنڌ
جي دل آهي، سنڌ جو هر ماڻهو آخري پساهه تائين ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ واري سازش خلاف
جدوجهد جاري رکندو، سنڌ جي ورهاڱي وارين ناپاڪ سازشن کي سدائين ناڪام بڻايو ويندو.
قادرپور ۾ سيپڪو عملي جي نااھلي سبب بجلي جا ٽرانسفارمر سڙڻ
روز جو معمول بڻجي ويا جنهن سبب گرمي عوام جا لاهه ڪڍي چڏيا...
ان حوالي سان شهرين جو ارشاد سندراڻي،حاجي عثمان ڪوري،اسلم شاھ،علي
دوست،حميد سندراڻي،وقار ميراڻي،نادر ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو
ويو.
ان موقعي تي مظاهرين ڳالھيندي چيو ته سيپڪو ملازمن جي نااھلي
سبب قادرپور شھر ۾ بجلي جا ٽرانسفارمر روزانو سڙي رهيا آهن.جڏھن تہ شھرن پاڻ ۾ لکين روپين جو چندو گڏ ڪري ٽارانسفارمر
ٺهرايا پر هڪ ڏينهن بعد هو به سڙي ويا.
احتجاج ڪندڙ سيپڪو جي چيف کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو
آهي...
گهوٽڪي ويجھو آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ هزارو لولائي جي
رهواسي مولابخش لولائي،شهباز علي ۽ ٻين 91 آفيس پهچي احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي
ته 8 مهينا اڳ ڪارنهن تڪرار تان جوابدار محمد ابراهيم عرف بولو ،محبت علي،عبدالحميد
لولائي ۽ ٻين اسان جي گهرن تي حملو ڪري مائي صپوران زال ڪرم علي لولائي کي ڏنڊا
هڻي زخمي ڪيو ويو آهي.
هنن چيو ته اسان جي گهرن کي مبينا باهيون ڏنيون ويون آهن
جڏهن ته اسان جون 70 ٻڪريون به جوابدار ڌر جا ماڻهون ڪاهي ويا آهن.
احتجاج ڪندڙن وڌيڪ چيو ته ڄاڻايل جوابدار جا ماڻهون پيرسن
الله ڏتو لولائي کي به مبينا کنڀي ويا آهن ۽ اسان کي خدشو آهي ته پوليس هٿان
گرفتار ڪرائي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويندا.
مظاهرين ڊي آءِ جي سکر.ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان
نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي...
گهوٽڪي لڳ ڳوٺ ميرخان سندراڻي جي رهواسي قائم علي
سندراڻي،عبدالله سندراڻي ۽ ٻين گڊو پوليس
جي ڏاڌ خلاف احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته گڊو پوليس نوجوان معشوق سندراڻي کي
موٽرسائيڪل جا ڪاغذ چيڪ ڪرڻ جي بهاني گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي.
احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي ڪشمور کان نوٽيس وٺي نوجوان کي آزاد ڪرائڻ
جو مطالبو ڪيو آهي..
Comments
Post a Comment